بلاول ڀٽو زرداري عمران خان کي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاشِي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو

0
373

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلاول ڀٽو زرداري عمران خان کي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاشِي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو، پ پ چيئرمين چيو آهي ته جڏهن سموري دنيا ۾ معاشي بحران آيو هو، ان وقت به ملڪي معيشت جو ايترو برو حال نه هو، جيترو عمران خان ڪيو آهي، عمران خان پنهنجي محسن ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جي دور ۾ ٿيل 50 سيڪڙو غربت جي هدف جي جواب ۾ ملڪ کي تباهي طرف وٺي وڃي رهيو آهي،جيڪڏهن عمران خان جا قدم نه روڪيا ويا ته هُو هر گهر ۾ معاشي بدحالي جِي اهڙي باهه لڳائي ڇڏيندو جيڪا ڏهاڪن ۾ وسامي نه سگهبي..