اسلام آباد (بيورورپورٽ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستاني صحافين جو وفد ڀارتي رياست گووا ۾ ٿيندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اڄ ڀارت وڃي رهيو آهي.  شنگهائي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جو ٻن ڏينهن جو اجلاس اڄ کان گووا ۾ ٿيندو، اجلاس ۾ پاڪستان، چين ۽ روس جو پرڏيهي وزير به شرڪت ڪندو. 2011 کانپوءِ ڪنهن به پاڪستاني پرڏيهي وزير جو اهو پهريون ڀارتي دورو آهي، پاڪستاني پرڏيهي وزير جي دوري جي موقعي تي ٻه طرفي ڳالهين جو ڪنهن ڌر طرفان ڪو اشارو ناهي مليو. ميڊيا رپورٽن موجب اجلاس ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم سان لاڳاپيل دستاويزن ۽ فيصلن جي مسودن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، اجلاس ۾ عالمي ۽ علائقائي ايجنڊا جي اهم مسئلن تي به ڳالهه ٿيندي.