لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي طبيعت خراب ٿي وئي، زخمي ڄنگهه ۾ انفيڪشن جو خطرو پيدا ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو. تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي طبيعت وري خراب ٿي پئي آهي جنهن بعد شوڪت خانم اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ سندس معائنو ڪيو آهي، ميڊيڪل بورڊ جي ڊاڪٽرن  عمران خان کي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، ذريعن موجب شوڪت خانم اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ جو چوڻ آهي ته عمران خان آرام نه ڪيو ته سندس زخمي ڄنگهه ۾ سوڄ ۽ انفيڪشن جو خطرو وڌي ويندو، ڊاڪٽرز پاران عمران خان کي غير ضروري پنڌ نه ڪرڻ ۽ ڄنگهه تي زور نه ڏيڻ جو پڻ مشورو ڏنو آهي.