بغير اجازت احتجاج ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي: وفاقي پوليس خبردار ڪري ڇڏيو

0
241

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد پوليس جي ترجمان شهر جي صورتحال ۽ ممڪنه احتجاج بابت بيان جاري ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽين جي اڳواڻن اسلام آباد ٽريفڪ جا رستا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

ترجمان موجب اسلام آباد جي شهرين، شاگردن ۽ مريضن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، اسلام آباد پوليس هاءِ وي جي صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ 15 نمبر تي ڪال ڪريو

اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته شهر ۾ بغير اجازت احتجاج ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ڪيس داخل ٿيلن کي گرفتار به ڪيو ويندو

Pakistan's prime minister vows to fight on after Parliament ousts him -  MarketWatch

ترجمان جو چوڻ هو ته اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان ايندڙ قومي ۽ غير ملڪي مهمانن لاءِ رستا کليل رکيا ويندا، ايئرپورٽ تي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ٽريفڪ قومي سڃاڻپ لاءِ ضروري آهي، وفاقي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ايئرپورٽ ۽ موٽر وي ڏانهن ويندڙ رستن جي نگراني ڪندا

ترجمان وڌيڪ چيو ته سمورن سياسي دوستن کي گذارش آهي ته انتظاميا جي اجازت سان مقرر ڪيل جاءِ تي احتجاج ڪن، جڏهن ته عوام کي گذارش آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪن، ڪنهن به قسم جي ڪاررواين جي اطلاع 15 نمبر تي ڪال ڪريو

ھي به پڙھندا

عمران خان اڱاري کان وزيرآباد مان ٻيهر لانگ مارچ شروع ڪرڻ جواعلان ڪري ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج پاران عمران خان جي درخواست ٻڌڻ کان معذرت