برف جي دوزخ

0
378
برف جي دوزخ

حڪمرانن جي شهر اسلام آباد کان ڪجهه ڪوهه ئي پري ڪوھه مري جي روڊن تي چوويھه انسانن جو برف جي ٿڌ سبب موت شايد ڪڏهن به حڪمرانن جي دلين کي گرم نه ڪري سگهي پر پاڻ جيڪي نه گرمي جي سٽ سهڻ جي سڪت رکون ٿا نه سردي سان مقابلو ڪري سگهڻ جي اهل آهيون تن مٿان ڪوھه مري ۾ مري ويل ماڻهن جي موت جي خبر ملڪي ميڊيا جي ٽِڪر جهڙي هڪ سٽ جيان نه پر ڳريءَ ڇپ جيان ڪري آهي .

 دنيا ڪٿي وڃي پهتي آهي ماڻهن سياحت لاءِ هاڻي مريخ ڏانهن رخ رکيو آهي، پري ڇو وڃون، اسان جي ملڪ جي جنم کان گهڻو پوءِ مائوزي تنگ جي قيادت ۾ انقلاب جي نويد ورتل چائنا نه صرف خطي جي وڏي معاشي طاقت  ٿي اڀريو آهي پر انهن ماڻهن عالمي مارڪيٽ تي پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ثابت ڪيو آهي ته چائنا نون چئلينجن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. اسان جي هٿ ۾ اڃان صدي اڳ وارا  خاڪسار تحريڪ جا  بيلچا آهن ۽ چائنا چنڊ جي روشني چورائي زمين تي هٿرادو سج کيڙي رهيو آهي. ڀلا ڪوهه مري چين جي سرحد کان ڪيترو پري آهي ايترو ئي جيترو چين کان چنڊ يا مريخ پري هوندو يا ان کان به ويجهو، يقينن تمام گهڻو ويجهو. پر اسان وٽ حڪمرانيءَ جو انداز ئي عوام دشمن آهي، اسان جا حڪمران سدائين عوام جي مفادن سان ٽڪراءُ ۾ بيٺا آهن  پر  چائنا اسان جي بنھه ابتڙ بيٺو آهي سڀ ملڪيت عوام جي ۽ هر  حڪمران عوام آڏو ئي ذميوار آهي. ان ڪري چائنا هر شعبي ۾ اڳڀرو آهي اسان هر ڪم ۾ صديون پوئتي آهيون.

ڪوهه مري پاڪستان جو واحد سياحتي ماڳ آهي جتي پاڪستان جي هر ٻئي ماڻهو جي ڪوشش هوندي آهي ته هو ان ٿڌي پهاڙي تي وڃي ڪجهه زندگي جا پل يادگار ڪري اچي. راولپنڊيءَ کان ڪوهه مري ڏانهن جيئن ئي آڪٽوبر کان پوءِ واري موسم ۾ سفر شروع ڪبو آهي ته ڪوهه مري ڏانهن ويندڙ سڙڪ سرخ ۽ زرد پتن سان سٿي پئي هوندي آهي رستي جي ٻنهي پاسي ڊگھا وڻ نئين جوڻ مٽائڻ لاءِ پنهنجي سال جي ساٿين کي الوداع ڪندا آهن ڪيترائي ماڻهو زرد ۽ سرخ پتن جا جهول ڀري پنهنجي گهرن ڏانهن کڻي ويندا آهن ۽ ان اميد سان شيشي جي برني ۾ محفوظ ڪري رکندا آهن جيئن هو وري ساڳي موسم ۾ ٻيهر ڪوهه مري جي پهاڙ تي اچي سگهن.

اھو ڏينهن به عام ڏينهن جهڙو ئي هو جيئن اڪثر 22  ڊسمبر کان پوءِ ڪوهه مري مٿان اڇي برف جي چادر چڙهي ويندي آهي. نومبر جي سياحت واري آف سيزن اوچتو ئي اوچتو وڏي ڇلانگ ڏئي ڊسمبر جي پوئين هفتي ۾ ڪوهه مري جي مال روڊ کي ٻيهر نوجوان ٽھڪن سان مهڪائي ڇڏيندي آهي، ڀورن جسمن جي مٿان ڪاري رنگ جا  جيڪيٽ ۽ ٽائوزر، کليل وار هٿ، هٿن ۾، ۽ اکين تي چشما بي خودي مان سنڌي ٻولي جي هن شعر

“جسم ڀورو لباس ڪاري ۾، برف باري نه ڪر سياري ۾

چند ساهن جي ڪشمڪش آهي جي پڇو ٿا زندگي جي باري ۾”

کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ ڪافي هوندا آهن. اهوئي مال روڊ جتي سياحت لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ٻيڻي اگهه ۾ نه صرف گرم سردي کان بچڻ لاءِ ٽوپ ملندو آهي پر هوٽل جو ڪرايو به برفباري جي موسم ۾ ڏهوڻو ورتو ويندو آهي. ان ڪري ئي شايد ان بازار کي مال روڊ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو جو هر دڪان ۽ هوٽل جي ڪائونٽر تي هڪ ڪاسائي ويٺل آهي جيڪو سياحت لاءِ ايندڙ ماڻهن جي ابتي کل لاهڻ جو خوب هنر رکي ٿو.

ٽي ڏينهن پهرين به ايئن ئي ٿيو ڪوهه مري جي هوٽل مافيا عام رواجي ڏينهن ۾ چئن هزار جي مسواڙ تي ملندڙ هوٽل جي ڪمري کي چاليهن هزار جي اگهه تائين پهچائي ڇڏيو هو، هوٽل جي ماني جنهن جو عام ڏينهن ۾ بل ٻه هزار هوندو آهي ان کي ڏهن هزار رپين جي چوٽ تي چاڙهيو ويو. اهو سڀ ڪجهه اتفاقي نه هو پر سوچي سمجهي سڀ ڪيو ويو هو. ڇاڪاڻ ڪوهه مري جي مقامي ماڻهن ۽ واپارين کي خبر هئي ته ماڻهو برف جي دوزخ ۾ داخل ٿي چڪا آهن هاڻي هر وک تي هنن مٿان  موت لامارو ڏيئي رهيو آهي موت کي ٽارڻ لاءِ ماڻهو سڀ ڪجهه قربان ڪري ويندا. زندگي هنن کي هاڻي ڳري قيمت ادا ڪري جيئڻي پوندي ان ڪري ڪوهه مري جي هوٽل جي مالڪ کان وٺي برف ڍڪيل روڊ کي بيلچي سان صاف  ڪندڙ مزدور کي هٻڇ ۽ حرس جي چس لڳل هئي، بي حسي جو عالم اهو هو ته هڪڙا ماڻهو هوٽلن جي گرم ڪمرن  ۾ آرامي هئا ۽ ٻيا وري پنجن فوٽن جي برف جي ٿڌي دوزخ ۾ ساهه کڻي رهيا هئا.

انهن مان ڪيترن ئي ماڻهن دير تائين انهن سڀني ماڻھن کي اپيلون ڪيون جيڪي هنن جي ئي ادا ڪيل ٽيڪس مان پگهارون کڻي آفت واري هن وقت گهري ننڊ ستل هئا. هنن ته نٿيا گلي ڏانهن ويندڙ رستي جي ٻنهي پاسي خاردار تارن ڏانهن به آخري ساهه کڻندي ان اميد سان واجهايو ته  من خاردار تار جي هن پاسي هلندڙ هيٽر جي ٿوري گرمي هنن جي به حصي ۾  اچي، هنن مان گهڻن خاردار تار جي ڪنڊن کي به ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي هنن سوچيو ڀلي هنن جا هٿ زخمي ٿين پر هنن سان گڏ ويٺل برف جي ٿڌ ۾ ڄمي ويل جسم رڳو ٿڌا نه ٿين اهي گرم ئي رهن. ڪيترن نوجوانن ساهه جي تند ٽٽڻ کان پهرين الوداعي سيلفين سان موت جي هن بيانڪ روپ کي زندگي جيان خوبصورت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر موت انهن جو پيڇو ايئن ڪندو رهيو جيئن ڪو موت هنن جو پڳ مٽ يار هو. ان پوليس آفيسر جي آخري وڊيو جيڪا هن پنهنجي گهر واري سان گفتگو دوران رڪارڊ ڪئي هئي سا وڊيو گهٽ پر موت جي منهن ۾ وڃڻ کانپوءِ انساني بي وسي جي ڪيفيت جي آرٽ مووي وڌيڪ لڳي ٿي،

اهڙي مووي جنهن ۾ ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي زندگي کان وڌيڪ انهن اٺن ٻارن جي زندگي جي وڌيڪ چنتا آهي جن جي اسرار تي هو برف باري ۾ برف جي گولن سان راند کيڏڻ آيو هو. هنن جي تصور ۾ ئي نه ھو ته ڪپهه جهڙي اڇي ۽ هلڪي برف هنن کي رستي تي بي ڪفنو ڪري ماري ڇڏيندي. هنن کي گمان ۾ نه هو ته هو به ڪي برفباري جي هٿان ماريا ويندا. هي شايد وساري ويٺا هئا ته اسان جو ملڪ ٽائٽنڪ جهاز جيان هنڌان هنڌان جهري پيو آهي هر ماڻهو زندگي جي جنگ وڙهي رهيو آهي، ٻيڙا محدود آهن ۽ سمنڊ لامحدود آهي شل ڪو بچي سگهي، هنن کي آخري ساهه جي هڏڪي تائين رستي سان لڳل خاردار تار ٽٽڻ جو آسرو هو اها خاردار تار جنھن جي ٻئي پاسي ويٺل ماڻهو ملڪ ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين  هن ملڪ جا سڌي يا اڻ سڌي طرح حڪمران رهيا آهن.

ماڻهن کي ان ڳالهه تي به ڏندين آڱريون آهن ته حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جنهن جي اليڪشني منشور ۾ ملڪي سياحت کي ترقي وٺرائڻ جو نقطو شامل هو ان جا وزير ۽ مشير سياحن جي بي وقتائتي موت تي چئي رهيا آهن ته سياحن خراب  موسم جي حڪومتي الرٽ تي ڌيان ئي نه ڏنو جنهن ڪري ان قسم جو سانحو رونما ٿيو. سچ ته اهو آهي ته ملڪ جي موسمياتي کاتي جي اڳڪٿي سدائين غلط ثابت ٿيندي رهندي آهي ان ڪري ملڪ جا مڙئي ماڻهو موسميات کاتي تي  اعتبار ئي نه ڪندا آهن . جڏهن عام ماڻهن جو ملڪي ادارن جي ڪارڪردگي تي اعتماد ئي نه هجي ته موسميات کاتي جي ماهرن جي نجومين واري اڳڪٿي جهڙي ڳالهه کي ڪير ٿو پڇي.

هن وقت تائين اڃان ڪوهه مري ۾ مري ويل ماڻهن جي نه معاوضي جو اعلان ٿيو آهي نه ئي وري ڪوهه مري جي بي حس هوٽلن جي مالڪن ۽ مقامي ماڻهن جي انسان دشمن روين بابت ڪنهن ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته هڪ انسان پنهنجي ڪٽنب سميت ٻئي انسان جي اڳيان برف جي ٿڌ ۾ مري رهيو آهي ۽ اهو انسان هجڻ جو دعويدار هوٽل جي ڪمري جي اگهه جي بارننگ ڪري رهيو آهي. اهو ڪرپٽ ترين ۽  انسان دشمن ڪردار ۽  رويو ڪير تبديل ڪندو حڪمران، ملڪ جو قانون يا ڪا آسماني مخلوق اچي هنن ماڻهن کي انسان ٿيڻ جا پاٺ پڙهائيندي.

ٻئي طرف ملڪي سياست جي گرم آوي ۾ پچندڙ اپوزيشن جماعتن ڪوهه مري ۾ مري ويل ماڻهن جي لاءِ عدالتي جاچ جي گهر ڪئي آهي، جنهن عدالتي جاچ لاءِ حڪومت اڃان تائين ته تيار نٿي لڳي. اهڙي صورتحال ۾ سياحت جي ترقي جي دعويٰ ڪندڙ حڪمرانن کي ڇڏي ملڪ جي ماڻهن کي پاڻ گهڻو ڪجهه بهتر ڪرڻ جي لاءِ اڳيان اچڻ جي ضرورت آهي. هن وقت تائين جا اطلاع آهن ته ڪوهه مري جي سانحي کانپوءِ مري جي مقامي ماڻهن، هوٽل مالڪن ۽ ٻين ڪاورباري ماڻهن جي خلاف عام ماڻهن سماجي بائيڪاٽ جي مهم شروع ڪري ورتي آهي.

“ڪوبه ڪوهه مري نه وڃي” جي بينر هيٺ سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم جي پويان هڪ ئي مقصد آهي ته آئينده ٻيهر ڪي به چوويهه ماڻهو برف جي دوزخ ۾ ساهه جون آخري هڏڪيون ان انتظار ۾ نه کڻن ته ڄاڻ اسان جي مدد لاءِ ڪو پهتو پر اهڙو ٻيهر ڪنهن جي زندگي سان ڪو حادثو ئي پيش نه اچي جو هو وچ رستي تي پنجن فوٽن جي برف جي ٿڌ ۾ ساهه جو سڳو ٽوڙي ويهي . ڪنهن هوٽل ۽ ريسٽ هائوس جي گرم ڪمري لاءِ هنن کان ڏهوڻا پيسا نه گھريا وڃن نه ئي هنن  کان ماني جي مد ۾ منافعي خور مافيا هزارين روپيا اوڳاڙڻ جي ڪوشش ڪري.