زندگيون ڳڙڪائيندڙ گٽڪي ۽ مائي جو ڪاروبار

0
162
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

اسماعيل ميمڻ ٺٽي مان لکي ٿو

چيو ويندو آهي ته ڪنهن به ملڪ کي تباهه ڪرڻو آهي ته ان جي تعليم کي تباهه ڪيو وڃي پر سنڌ جي اڳوڻي گادي واري ٺٽي ۾ ان جي ابتڙ صورتحال آهي ڇاڪاڻ جو ٺٽي ۾ ايندڙ نسل توڙي نوجوانن کي تباهه ڪرڻ لاءِ چند مفاد پرستن رات پيٽ ۾ امير ٿيڻ جي چڪر ۾ بندش پيل موتمار زهريلي گٽڪي، مائي ۽ مين پڙين جي وڪري کي عام ڪري نه رڳو چند سالن اندر ڪروڙين اربين روپين جون پراپرٽيون ٺاهي ورتيون آهن پر انهيءَ موتمار انسانيت دشمن ڌنڌي گٽڪي،مائي، مين پڙين جي وڪري پوري ضلعي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ورتو آهي. شاندار ماضي رکندڙ ٺٽي ۾ گٽڪي ۽ مائي جي روپ ۾ هتان جي ماڻهن جي اندر ۾ زهر اوتڻ واري موتمار قاتل گٽڪي جي ڪٿي به ڪا تاريخ نٿي ملي ته انهي جي کائڻ سان ڪهڙا فائدا آهن،  پر اهو ضرور ٻڌڻ  ۾ اچي رهيو آهي ته گٽڪي ۽ مائي توڙي مين پڙين جي واپرائڻ سان سون جي تعداد ۾ انساني جانيون انتهائي خطرناڪ بيماري ڪينسر جي ور چڙهي هميشه هميشه لاءِ اسان کي وڇڙي ويون آهن پر انهن جانين جي نه رڳو وڇڙڻ جو انهن جي پونئيرن کي درد مليو آهي پر انساني جانين جي ضايع ٿيڻ سان گڏ اهي خاندان معاشي ڏيوالپڻي جو شڪار بڻجي ذهني اذيتن مان هن وقت به گذري رهيا آهن.

سنڌ  جي لاڙ واري ضلعي ٺٽي تي ٿوري کڻي نظر وجھبي ته ضلعي اندر 6 مهينن جي عمر کان وٺي وڏي عمر تائين ٻارڙا ، ٻارڙيون ، عورتون ، نوجوان ۽ پوڙها قاتل زهريلو گٽڪو ، مائو ۽ مين پڙيون واپرائي رهيا آهن جڏهن ته هن وقت ٺٽي جي انساني آبادي جو تناسب ڪڍبو ته ضلعي جي 80 سيڪڙو کان مٿي انساني آبادي گٽڪي، مائي ۽ مين پڙين جي ور چڙهي وئي آهي ۽ انهي انساني آبادي ۾ خاص ڪري انيڪ بيمارين پڻ جنم ورتو آهي جنهن ڪري گٽڪي ۽ مائي سميت مين پڙين جي واپرائيندڙن ۾ رت جي کوٽ کان وٺي ساھه جي بيماري ، پيٽ جي بيماري ، دست الٽي ۽ خاص ڪري منهن جو سڪڙجي وڃڻ سان گڏ ڳلي جو ڪينسر ، پيٽ جو ڪينسر ، مادي جو ڪينسر معمول واري شڪل اختيار ڪري ڏينهون ڏينهن تيزي سان وڌي رهيو آهي. ايستائين جو ڪراچي جي ڪينسر اسپتال ڪرن توڙي جناح ۽ ٻين نجي اسپتالن ۾ ڪينسر جي مريضن ۾ اڪثريت ٺٽي جي ماڻهن جي هوندي آهي جيڪي زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهن. هونئن به ڪينسر معنيٰ موت ۽ ان بيماري جي نالي ٻڌڻ سان ئي نه رڳو جنهن کي بيماري لڳي آهي ان تي سڪتو طاري ٿي ويندو آهي پر بيماري جي ظاهر ٿيڻ شرط ئي سڄو خاندان هڪ فرد جي بيماري ۾ وٺجڻ سان ذهني ۽ معاشي ڏيوالپڻي جو پڻ شڪار ٿي ويندو آهي ڄڻ ان خاندان جي گھر مان خوشيون ئي موڪلائي ويون هجن ۽ ان سڄي خاندان جو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهڻ ڏاڍو مشڪل بڻجي ويندو آهي.

جيتوڻيڪ ٺٽي ۾ وڏي پئماني تي هلندڙ زهريلي قاتل گٽڪي ، مائي ۽ مين پڙين جي ڪاروبار صنعتي ڪاروبار جھڙي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي جتي وڏا گٽڪي فروش پنهنجا ڪارخانا قائم ڪري پوري ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين گٽڪو ، مائو وڪرو ڪري چڱو ناڻو ڪمائي  لکين انساني جانين ۾ زهر قاتل اوتي رهيا آهن ۽ اهو به ڏٺو ويو آهي ته انساني جانين سان سر عام کيڏندڙ گٽڪي فروشن جي پهچ ڪنهن به شڪل ۾ آهي ته اها صرف حد جي ٿاڻي سان آهي ۽ ان جي مليل ڇوٽ سبب گٽڪي مافيا پنهنجي پنهنجي مقرر حدن ۾ آساني سان گٽڪي جو ڪاروبار ڪري رهي آهي ايستائين جو ٺٽي ضلعي جي پوليس جي ڪمائي جو مک ذريعو پڻ گٽڪي جو ڪاروبار بڻيل آهي.

خود گٽڪي مافيا جو چوڻ آهي ته سندن ڪمائي مان وڏو حصو پوليس جو آهي ۽ انهن ٿاڻن جي صوبيدارن جي اجازت سان هو گٽڪي جو ڪاروبار  آساني ڪري رهيا آهن. جنهن ڪري پوليس پاران انساني زندگين کي تباهه ڪندڙ زهريلي گٽڪي جي وڪري خلاف سواءِ ڏيکاءُ جي مستقل بنيادن تي ان جي روڪٿام لاءِ ڪو به قدم نٿو کنيو وڃي. جڏهن ته تازو ٺٽي ضلعي ۾ تيزي سان وڪري ٿيندڙ گٽڪي ، مائي ۽ مين پڙين جي استعمال سبب جيڪا رپورٽ هٿ ڪئي وئي آهي اها انتهائي ڏکوئيندڙ آهي ته هن وقت ٺٽي جي ڳورهاري عورتن جي اڪثريت غربت ۽ خوراڪ جي کوٽ وگھي نه پر زهريلي گٽڪي ۽ مائي توڙي مين پڙين جي استعمال سبب نه رڳو پاڻ موت جي منهن ۾ تيزي سان ڌڪجي رهي آهي پر انهن جي ڪک مان جنم وٺندڙ ٻارڙن جي اڪثريت ڏٻري هجڻ ڪري پڻ پيدا ٿيڻ شرط ئي بي موت مري رهي آهي.

جڏهن ته نوجوان نسل پڻ ڏينهن رات گٽڪي جي واپرائڻ سبب معاشي تنگدستي جو شڪار بڻجي بي راهه روي جي ور چڙهي تباهي طرف وڌي رهيو آهي ۽ نوجوان طبقو پنهنجي عمر جي وڏي حصي ۾ اچڻ کان اڳ ئي خطرناڪ بيماري ڪينسر ۾ مبتلا ٿي نه رڳو پنهنجي زندگي وڃائي رهيو آهي پر پنهنجي سڄي خاندان جي پريشانين ۾ اضافي جي سبب بنجڻ سان گڏ انهن کي هميشه معاشي تنگدستي طرف ڌڪي انهن جي پڻ چيلھه چٻي ڪري رهيو آهي جنهن ڪري ٺٽي ۾ ايندڙ نسل ۽ نوجوان نسل جنهن ۾ عورتون ، ٻارڙا ۽ مرد پڻ شامل آهن انهن جي پيداشي ۽ عمر جي شرح ۾ تيزي سان گھٽتائي اچي رهي آهي جيڪو هڪ وڏو الميو آهي. ڇاڪاڻ جو صرف 3 سالن جي مختصر عرصي ۾ ٺٽي ضلعي اندر 400 کان مٿي انساني زندگيون موتمار زهريلي گٽڪي ، مائي ۽ مين پڙين جي واپرائڻ سبب موت جي ور چڙهي ويون آهن. ايستائين جو ٺٽي جي مک سول اسپتال جي ڏندن واري شعبي جي انگن اکرن موجب گذريل سال 2021ع ۾ به  گٽڪو ، مائو ۽ مين پڙيون واپرائيندڙ 260 وات ، ڳلي جي ڪينسر ۾ مبتلا مريضن مان 80 سيڪڙو مريض  ڪينسر جهڙي مرض جي ٻئي ۽ آخري اسٽيج تي آهن، جنهن ڪري ڪينسر ۾ مبتلا مريضن جا خاندان سخت معاشي ڏيوالپڻي جي ور چڙهي انتهائي ڪسمپرسي واري زندگي گھارڻ تي پڻ مجبور بڻيل آهن.