مَنَ! ”جِنَ“ کي مارائيندين ڇا….؟!

0
268
سموريون ڌُريون هڪ ئي ’وِهاڻي‘ تي آهن

هِيءَ ڳالهه الهڏني آءِ جي جي نه، پر ’ٻِيجهي‘ الهڏني جي آهي، جيڪو مريءَ مان مري بچيو هو. گاڏي برف ۾ ڦاٿل هُئي، پيٽرول به ختم ٿي ويو هو، هن ڦاٿل گاڏي ڪڍڻ لاءِ اُن کي ڌِڪو ڏنو ۽ ٺَنڀجي پوڻ ڪري سندس قدم ٿِڙي رهيا هُئا. ٿاٻڙجي ڪِريو ته برف اُڏاڻي ۽ هڪ پُراڻو ڏِيئو نِڪري نِروار ٿيو. هِنَ ڏِيئو کنيو ۽ اُن تان برف صاف ڪرڻ لاءِ هَٿَ سان مهٽيو ته، هڪ جِن ظاهر ٿيو.

” الهڏني جي ڏِيئي جو جِن حاضر آهي، حُڪم ڪر مُنهنجا ڪاڪا….!“

”ڪاڪا…..؟ آقا ڇو نه؟!“

”آقا لفظ غُلاميءَ جي نِشاني آهي ۽ آئون جمهوري جِن آهيان…..حُڪم ڪر مُنهنجا ڪاڪا….!“

”تُون ته مُهانڊي مان ئي مُون کي ڪنهن اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين ٿو لڳين! بي اختيار…..“

”حُڪم ڪر مُنهنجا ڪاڪا…..“ يَخي نه هَڻ!“

”چِڙين ڇو ٿو؟ ٻُوٿ ڇو ٿو ڦِٽائين؟!“

”جِيءُ چوانءِ مُنهنجا ڪاڪا….ٻُوٿ ڪونه ٿو ڦِٽايان…مُنهنجي ٻُوٿَ جي سِلائي ئي اهڙي آهي….تُون حُڪم ڪر مُنهنجا ڪاڪا….!”

گاڏي برف ۾ ڦاٿل آهي، تيل ختم آهي، 5 لٽر پيٽرول آڻي ڏي!“

”پيٽرول؟ من! مارائيندين ڇا؟ اسان باهه جا ٺهيل آهيون.“

”ڀلا ماستريءَ جو آرڊر ئي وٺرائي ڏي؟!“

”پنهنجي برادريءَ ۾ واڌ….؟ آئون ائين ڪونه ڪندس.“

”ماستر تُنهنجي برادريءَ جا ڪِيئن ٿيا؟“

”تو غيباتي ماستر ۽ گهوسٽ ٽِيچر ناهن ٻُڌا….؟“

”صفا ڪو ٻير جو ڍَنگر آهين……ڪابينا جو وزير ٿو لڳين!“

”ڪَمَ جي ڳالهه ڪر، پريس ڪانفرنس نه ڪر….وقت نه وڃاءِ! ڪم ٻُڌاءِ يا جِند ڇَڏ.“

”ته اِها ڳالهه آهي…..آئون توکي اين آر او ڪونه ڏيندس!“

”تُون به مُون کي فني گالا جو ٿو لڳين مُنهنجا ڪاڪا….“

”توکي ڪِيئن خبر پئي؟“

”اُتي مُنهنجا ڪُجهه مائٽ رهندا آهن، جيڪي اهو منتر پڙهندا رهندا آهن.“

”جِنَن جا سِڱَ هُوندا آهن؟“

”نه جِنن جو پُڇ هُوندو آهي، ڪڏهن ڀُلجي به پُڇَ تي پير نه ڏِجو، نه ئي پُڇ کڻي ڏسجو!“

”ڇو پُڇَ جي هيٺان پِنڊي آهي ڇا….؟!“

”ڪاڪا حُڪم ڪر، پادر پادر نه ڪر!“

”ڀلا ٻُڌاءِ، جِنَ ڪنهن کان ڊِڄندا آهن؟“

”جِنَ شاعرن کان ڊِڄندا آهن!“

”ڇو؟!“

”شاعريءَ سان جِنن جو هاضمو خراب ٿيندو آهي، شعر تعويذ ڪري ٻانهَن ۾ ٻَڌڻ سان جِن ويجهو نه ايندو.“

”ڀلا مِني بجيٽ ئي پاس ڪرائي ڏي!“

”اسان کي سياست کان ڌارَ رکو….جِنن کي سياست ۾ نه گهليو. هِنَ دُنيا جا حقيقي بادشاهه ته جِنَ آهن. جيڪي اوهان جون حڪومتون هلائيندا آهن.. حُڪمرانن جي مشاورت ڪندا آهن، اوهان جو رموٽ ڪنٽرول جِنن وٽ آهي.“

”جِنَ ڇا کائيندا آهن؟“

”جِنَ ڇيڻو کائيندا آهن…ان ڪري ئي اوهان جي حُڪمرانن مينهون پالڻ جي معيشت ڏني ته جيئن جِناتي غِذا جو مُفت ۾ انتظام ممڪن ٿي سگهي…..پر مُنهنجا ڪاڪا، تُون حاجت پيو ٻُڌائين يا انٽرويو پيو وٺين؟.“

”هِي ڏِيئو هن کان اڳ ڪنهن وٽ هو؟“

”هڪ شاعر وٽ….جيڪو حاضر ڪري آزاد ۽ نثري نظم ٻُڌائيندو هو، مٿان ظُلم اهو جو چوندو هو ته، ان تي واهه واهه به ڪر!“

”پوءِ ته هِي ڏِيئو آئون سليم چنا کي ٿو ڏيان….“

”مُنهنجا ڪاڪا حُڪم ڪر….مِني بجيٽ هڪ ايوان مان پاس ڪرائڻي آهي يا ٻنهي ايوانن مان…؟“

جِنَ شاعرن کان ته ڊِڄندا آهن پر شاعرن جي اولاد کان نه، جو اُهي کين پنهنجي اولاد وانگر سمجهندا آهن، اعتبار نه اچي ته، وفاقي ڪابينا تي ئي هڪ نظر وجهي ڏسو. ڪُوڙ راويءَ جي ڪنڌ ۾، جيڪو چوي ٿو ته، انار ڪلي به شهزادي سليم کي ’جِن‘ سمجهندي هُئي ۽ کيس مڌ ۽ ڳالهين سان ڳڱاٽي بي سڌ ڪري، نچندي اُهو ڳائيندي هُئي ته،

هُوئي هم ”جِن“ ڪي لئي برباد

وه هم ڪو چاهي ڪرين نه ياد…..

ڳالهه جِنن جي پئي هلي ته هتي اهو ٻُڌائيندو هلجي ته، هِي اڳوڻا جِنَ ناهن، جيڪي کجيءَ، نِم، پِپر يا بَڙَ جي وڻن ۾ رهندا هُئا پر هِي جديد جِن آهن، جن جو نشيمن قصرِ سُلطاني جي گنبذ تي آهي. انهن جِنن کي واٽس ايپ کان وٺي حڪومت تائين، هر شئي هلائڻ ايندي آهي، اهي تاريخون آڱرين تي ڳڻي اهو ٻُڌائي سگهندا آهن ته، ڪهڙي سمري ڪهڙي تاريخ تي صحيح ڪرڻي آهي پوءِ ڀلي ”ساري خُدائي ايڪ طرف ۽ جِن ڀائي ايڪ طرف“.

اها حالت صرف اسان وٽ ئي ناهي. قديم زماني کان سلطنتن جي گُلشن جو ڪاروبار به جِنن ڀُوتن، نجومين ۽ جوتشين حوالي هو ۽ بادشاهه به صرف سليڪٽيڊ  يعني اڳ ئي بڻايل ولي عهد ئي هُوندا هُئا. توهم پرستيءَ واري جهان ۾ جوتي جي تمام وڏي اهميت آهي. جوتي کي تحفظ جي ضمانت سمجهيو ويندو آهي. وزير ڪبير ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ به جوتو کڻي ايندا آهن، ڪي حقيقي ته ڪي وري ’ورچوئل‘ جوتو. ماڻهو 50 لکن جي گاڏي خريد ڪري اُن ۾ جوتو ٻڌندا آهن ته، ”شالا نظر نه لگي…“ آمريڪي اڳوڻي صدر ريگن لاءِ اهو مشهور هو ته، هو سون جي ٺهيل هڪ ننڍڙي جُتي هميشه پنهنجي کِيسي ۾ رکندو هو.

مغلن جي سلطنت جي گُلشن جو ڪاروبار به جوتشي هلائيندا هُئا. اورنگزيب بادشاهه جي درٻار ۾ به هندو ۽ مُسلم جوتشي هُوندا هُئا، جيڪي کيس مشورا ڏيندا رهندا هُئا. ايتري قدر جو مُغل بادشاهه جڏهن به شڪار تي ويندا هُئا ته، اُهي جوتشين ۽ نجومين کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هُئا، جيڪي کين شڪار لاءِ ”چوٿين ڏِس“ ۾ وڃڻ کان روڪيندا هُئا. رُڳو مُغل ئي نه پر هن مُلڪ جا ”بادشاهه“ به توهم پرستيءَ ۾ ڪنهن کان پُٺتي ناهن. پڙهندڙن کي ياد هُوندو ته، گُذريل سال 29 رمضان المبارڪ (12 مئي) تي فلڪياتي ادارن موجب، سڄي پاڪستان ۾ ڪٿي به چنڊ نظر نه آيو پر ”چنڊ ڏڪڻي ڪاميٽيءَ“ کي رات جو يارهين وڳي چنڊ نظر اچي ويو ۽ 13 مئي تي عِيدَ ملهائي وئي.

توهم پرستيءَ جي حوالي سان ڀارت جو صوبو ڪرناٽڪ هڪ منفرد شناخت رکي ٿو. اِها 2014ع جي ڳالهه آهي ته، ڪرناٽڪ جي وڏي وزير جي گاڏيءَ جي فرنٽ اسڪرين تي ڪارو ڪانءُ ويٺو ته، اُن ڪاري ڪانءَ کي منحوس سمجهي گاڏي ئي بدلائي ڇڏي (اُها جُدا ڳالهه آهي ته، اسان وٽ اعليٰ منصب تي ڪارو ڪانءُ ويهي رهي ته اُن کي خراب نٿو سمجهيو وڃي ۽ هڪ موقعي کان پوءِ وري اُن کي ٻيو موقعو ڏيڻ جي جاکوڙ جاري رهي ٿي.) ڪرناٽڪ جو هڪ ضلعو آهي چامراج نگر، اُن جي حوالي سان ماڻهن جي ذهنن ۾ اِهو وهم ويٺل آهي ته، ڪو حُڪمران ان ضلعي جو دورو ڪندو ته، اُن جو سياسي ڪيريئر ختم ٿي ويندو.

ڪرناٽڪ جي اڳوڻي وزير اعليٰ ايس ايم ڪرشنا ان ضلعي جي هڪ اسڪيم جو افتتاح بنگلور ۾ ويهي ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو. ڳالهه صرف اتي ئي ختم نٿي ٿئي، ڪرناٽڪ جي هڪ ٻئي (اڳوڻي) وڏي وزير ايڇ ڊي ڪُمار سوامي پنهنجي سرڪاري رهائش گاهه ۾ رهڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته اها منحوس آهي. عوام ۽ سياسي حلقن طرفان گهڻي تنقيد کان پوءِ اُن هڪ نجوميءَ کي گُهرائي صلاح ورتي ۽ رهائش گاهه جي چوديواري اُوچي ڪرائڻ کان پوءِ اُتي رهڻ لڳو. ايڇ ڊي سوامي کان پوءِ جڏهن ”بي ايس يدي يورپا“ ڪرناٽڪ جي وڏ وزارت جو منصب سنڀاليو ته، هُو سي ايم هائوس بدران پنهنجي پُراڻي گهر ۾ رهيو. اهو ئي حال اسان واري ”بادشاهه“ جو آهي، جيڪو پڻ پنهنجي سرڪاري گهر بدران ذاتي گهر ۾ رهي پيو، باقي ڪم الهڏني جي ڏِيئي واري جِنَ حوالي آهي.

[email protected]