بخشاپور (ن پ ا) ڪشمور پوليس بخشاپور ويجهو ڳوٺ جيوڻ گولو جي رهواسي گلشن گولو کي مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڪشمور پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ اسپيشل ٽيم جو گهوڙا گهٽ ٿاڻي جي حد بلاڪ نمبر 6 جي ڳوٺ ڪرم سندراڻي ويجهو ڌاڙيلن سان مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران گذريل رات اغوا ٿيل همراهه کي بازياب ڪرايو ويو. پوليس موجب ڪارروائي دوران ڏوهاري ڪار ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.