خانپور (ن پ ا) پوليس خانپور جي 4 مغوين کي اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي، سندن گهرن ۾ روڄ راڙو متل، پاڪ ڪتاب جو ورد جاري، پوليس وارثن کي رڳو ٺلها آسرا ڏيڻ ۾ پوري، ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. خبر موجب گذريل ڏينھن خانپور شھر جي ٻاھران ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل 4 نوجوان عمران گولو، واجد سيٺار، عابد گولو، اسامه سيٺار کي شڪارپور پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي، جنهن ڪري مغوين جي گھرن ۾ روڄ راڙو متل آهي ۽ هو پاڪ ڪتاب جو ورد ڪري رھيا آھن، مغوين جي وارثن يار محمد، بشير احمد، نديم احمد، محمد اسلم، نثار احمد ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته پوليس نوجوانن کي اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آھي، خبر نه آهي اسان جا ٻچڙا ڪھڙي حال ۾ ھوندا، ھنن چيو ته پوليس رڳو ٺلها آسرا ڏئي رهي آهي، ٻئي طرف هتان جي سياسي سماجي اڳواڻن چيو ته پوليس جي نااهلي سبب علائقي ۾ بدامني وڌي وئي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.