بابر اعظم جي ”سوئٽر شرٽ“ جي قيمت حيران ڪري ڇڏيو

0
444
بابر اعظم جي ”سوئٽر شرٽ“ جي قيمت حيران ڪري ڇڏيو
بابر اعظم جي ”سوئٽر شرٽ“ جي قيمت حيران ڪري ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي مهانگي ترين سوئيٽر مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

گذريل ڏينهن آسٽريليا جي دوري لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ٽيسٽ اسڪواڊ پريڪٽس سيشن لاءِ راولپنڊي پهتو، جتي رانديگرن هيڊ ڪوچ ۽ ٽيم ڊائريڪٽر محمد حفيظ، فاسٽ ۽ اسپن بالنگ ڪوچ ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي

ملاقات دوران ڪجهه تصويرون سوشل ميڊيا جي زينت بڻيون جن ۾ بابر اعظم، سرفراز احمد، ڪپتان شان مسعود ۽ ٻيا رانديگر گڏ ويٺا نظر آيا پر انهن تصويرن ۾ هڪ اهڙي تصوير به هئي جنهن سڀني جو ڌيان ڇڪايو

تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو اڳوڻو ڪپتان بابر اعظم ليگ اسپنر عثمان قادر ۽ ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود سان گڏ ڪئميرا جي سامهون پوز ڏئي رهيو آهي

سوشل ميڊيا تي بابر اعظم جي نيري شرٽ جو مقابلو مشهور پرڏيهي برانڊ رالف لارين سان ڪيو پيو وڃي