ڀيو گينگ جي سربراهه خادم ڀيو سميت 3 ڏوهارين کي زخمي ڪرڻ جي دعويٰ

0
191

ڪنڌڪوٽ: پوليس ۽ رينجرز ڀيو گينگ خلاف ڪارروائي تيز ڪري ڇڏي، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڀيو گينگ جي سربراهه خادم ڀيو سميت 3 ڌاڙيل زخمي ٿيا آهن

ايس ايس پي ميرروحل خان کوسو موجب دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل آپريشن ڪيو آهي

ايس ايس پي موجب پوليس جي فائرنگ ۾ ڀيو گينگ جا 3 ڏوهاري زخمي ٿي پيا، جن ۾ ڀيوگينگ جو سربراهه 30 لک انعام رکيل خادم ڀيو، سندس ساٿي مير جاگيراڻي سميت  3 بدنام ڏوھاري شامل آهن

ايس ايس پي موجب زخمي ڏوهارين کي ساٿي کڻي ويا آهن، آپريشن جاري آهي