ڇڄيل چپل”سلمان خان سادگي جو مثال قائم ڪري ڇڏيو

0
185

بالي ووڊ فلم نگري جو ڀائي جان سلمان خان جي فلم ٽائيگر 3 جي ڪاميابي جو جشن ملهائڻ دوران حيران ڪندڙ تصوير وائرل ٿي آهي، جنهن کي بنياد بڻائي چيو پيو وڃي ته سلمان خان سادگي جو مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي

بجرنگي ڀائيجان اڄڪلهه پنهنجي فلم ٽائيگر 3 جي ڪاميابيءَ جو جشن ملهائي رهيو آهي، فلم جي رليز ٿيڻ کانپوءِ نه رڳو سلمان خان انٽرويوز ۾ رڌل آهي پر ان سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي به بحث جو موضوع پڻ بڻجي چڪو آهي ۽ اُن جا ڪارڻ آهن، سندس ڇڄيل چپل

سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ سلمان خان ڪترينا ڪيف سان گڏ پريس ميٽنگ ۾ موجود آهي پر ساڳئي وقت سپر اسٽار سلمان خان جي ڇڄيل بوٽن کي ڏسي هر ڪو دنگ رهجي ويو آهي، ڪروڙين روپيا ڪمائيندڙ سلمان خان جي اِن سادگي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي