بحريه ٽائون ڪراچي ڪيس: چيف جسٽس ۽ بحريه ٽائون جي وڪيل وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

0
265
جيڪڏهن آرڊيننس آڻڻا آهن ته پوءِ پارليامينٽ کي ئي بند ڪري ڇڏيو: چيف جسٽس
جيڪڏهن آرڊيننس آڻڻا آهن ته پوءِ پارليامينٽ کي ئي بند ڪري ڇڏيو: چيف جسٽس

اسلام آباد: بحريه ٽائون ڪراچي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ۽ بحريه ٽائون جي وڪيل وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بحريه ٽائون جي وڪيل سلمان اسلم بٽ کان سوال ڪيو ته توهان ٻڌايو ته ادائگين واري معاهدي تي عمل ڇو نه ڪيو ويو آهي؟

وڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته قانون موجب هلڻو آهي ته پوءِ مون کي جواب جمع ڪرائڻ جو وقت ڏيو، هن سموري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو اختيارن جي دائري کان ٻاهر هو

 چيف جسٽس چيو ته توهان ٻڌايو ته اسان ڪهڙي اختيار جي دائري ۾ هي ڪيس ٻڌي رهيا آهيون؟ وڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته اهو ئي ته مان به سوچي رهيو آهيان

چيف جسٽس چيو ته توهان جي چوڻ تي سروي ڪرائي وئي جيڪا توهان جي خلاف وئي، هاڻي زمين جو  ٻيهر ويليو ڪرايو ته اهو به توهان جي خلاف ويندو

وڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته مون کي سروي رپورٽ پڙهڻ جو موقعو ڏنو وڃي، منهنجي استدعا آهي ته سروي رپورٽ تي جواب لاءِ وقت ڏنو وڃي

چيف جسٽس چيو ته اسان جو جواب ”نو“ آهي، توهان اڄ رات هتي آهيو، اسان توهان کي ٻڌنداسين، وڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته توهان مون سان اوچي آواز ۾ نه ڳالهايو، مون کي اهو پسند نه آهي ته ڪير مون سان رڙيون ڪري ڳالهائي

چيف جسٽس چيو ته اسان رڙيون نه پيا ڪيون ۽ نه وري توهان کي اهڙي اجازت ڏينداسين، اسان رات تائين ويٺا آهيون، وڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته مان وڌيڪ بيهي نه ٿو سگهان، چيف جسٽس چيو ته اسان توهان کي ڪرسي ٿا ڏيون ويهي دليل ڏيو، وڪيل ڪرسي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

وڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته توهان جنهن فيصلي تي عملدرآمد ڪرائي رهيا آهيو اهو غلط آهي، چيف جسٽس چيو ته اسان عملدرآمد نه پيا ڪرايون توهان پاڻ معاهدي ۾ شامل ٿيا هئا،

وڪيل سلمان اسلم چيو ته ان راضپي سان ٿيل معاهدي کي توهان ختم ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس چيو ته اسان فيصلي جو هڪ لفظ به تبديل نه ٿا ڪري سگهون،وڪيل چيو ته انصاف جي تقاضا آهي ته سروي رپورٽ تي موقف ٻڌو وڃي

چيف جسٽس چيو ته انصاف جون ڳالهيون  ٻاهر ميڊيا ۾ وڃي ڪريو، وڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته ميڊيا تي نه ڪڏهن ڳالهايو آهي ۽ نه وري ميڊيا لاءِ عدالت ۾ ڳالهايان ٿو، مناسب ٿيندو ته اڄ وڌيڪ ٻڌڻي نه ڪئي وڃي،چيف جسٽس چيو ته ٻڌڻي اڄ ئي مڪمل ڪنداسين