ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته بابراعظم تمام سٺو رانديگر آهي پر اهو اڃا ميچ فنشر جي طور تي اڀري نه سگهيو آهي. مقامي ٽي وي چينل جي شو ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو ته بابراعظم ورلڊ نمبر ون رانديگر آهي ۽ ڪريز تي بيهي ٻئي کي کيڏائي سگهي ٿو ڇوته اهو سيٽ ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت وٺندو آهي. اڳوڻي ڪپتان چيو ته بابراعظم جي ويرات ڪوهلي ۽ ڊي ويليئر جي ليول تي اچڻ ۾ هڪ رنڊڪ آهي ۽ اها فنشنگ آهي. ميچ ونر طور بابراعظم اڃا تائين پاڻ کي ثابت نه ڪيو آهي، منهنجي خواهش آهي ته بابراعظم ايئن ڪري.