شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور پريميئر ليگ (ايس پي ايل) لائنز هٿان فائٽرز کي 7 وڪٽن تان شڪست، لائن جي ٽيم فائٽر طرفان ڏنل 147 رنز جو هدف آساني سان ماڻي ورتو، جانو بروهي مين آف دي ميچ قرار خبر موجب شھدادپور پريميئر ليگ ٽورنامنٽ ۾ فائٽرز اليون ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪندي ذيشان ۽ قابل اُڄڻ جي 26، 26 رنز جي اننگز سان 146 رنز تي پوري ٽيم پويلين موٽي وئي، آل رائونڊر جانو بروهي چئن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ لائنز اليون جي رانديگر جانو بروهي مخالف ٽيم جي بالرن کي ڪٽڪو ڏيندي 18 چوڪن ۽ 3 ڇڪن جي مدد سان 15هين اوور ۾ 147 جو هدف ماڻي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري، عمده بئٽنگ ۽ بالنگ جو مظاهرو ڪندڙ جانو بروهي کي ميچ جو سٺو رانديگر قرار ڏنو ويو. اڄ هاڪس ۽ ٽائگر وچ ۾ دنگل ٿيندو.