ٺٽو: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ شاهد خان آفريدي فائونڊيشن جي اڳواڻ شاهد آفريدي ٺٽي جي ڊي سي آفيس پهچي ڊي سي عثمان تنوير سان گڏ غريب مستحق خاندانن جي عورتن ۽ مردن ۾ راشن ورهايو . ان موقعي تي ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي شاهد آفريدي چيو ته ڪورونا سبب سڄي ملڪ جي غريب ڪٽنبن ۾ راشن ورهائي رهيا آهيون، وزيرستان، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ پڻ راشن جي ورهاست ڪئي پئي وڃي، ٺٽي ۾ ٻيهر اچي خاندانن ۾ راشن ورهائينداسين