ثقافت کاتو فنڪارن جا وظيفا بند ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري: آسا چيئرمين

0
575

خيرپور: آس سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالغفور سومري ثقافت کاتي کي اپيل ڪئي آهي ته نوڪري پيشا ڪلاڪارن جا وظيفا بند ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي. هن چيو ته ثقافت کاتو انهن ڏات ڌڻين کي سندن فني خدمتن عيوض وظيفا ڏئي ٿو، ڇو تہ فنڪار پوري دنيا ۾ پنھنجي فن ذريعي پنھنجي ٻولي ۽ ثقافت جو مان مٿانھون ڪن ٿا. ياد رهي ته تازو ئي ثقافت کاتي فيصلو ڪيو آهي ته يارھين گريڊ جي فنڪارن، شاعرن، اديبن يا سگھڙن کي وظيفا نہ ملندا. آسا چيئرمين چيو ته گذريل ٻن سالن کان لاڪ ڊائون واري صورت حال ۾ فنڪار ڏاڍي ڏکي زندگي گذاري رھيا آھن، ويتر مٿان عيد جو موقعو آھي، تنهنڪري ثقافت کاتي جي اختيارين کي گذارش ٿا ڪريون تہ ان فيصلي تي نظرثاني ڪري ترت وظيفا جاري ڪيا وڃن.