سعودي عرب ۾ هن ڀيري 30 روزا مڪمل ٿيڻ جو امڪان

0
425

رياض: سعودي عرب ۾ هن سال رمضان جا 30 روزا مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. جده جي فلڪياتي ايسوسيئيشن جي سربراهه اڳڪٿي ڪئي آهي ته سعودي عرب ۾ عيد جو چنڊ اربع 12 مئي تي نظر اچڻ جو امڪان آهي، اهڙي ريت عيدالفطر خميس 13 مئي تي ٿيندي. جده جي فلڪيات واري ايسوسيئيشن جي سربراهه جو چوڻ آهي ته 11 مئي تي 29 رمضان تي ڪٿي به چنڊ نظر ايندو، تنهن هوندي به عيدالفطر جو حتمي فيصلو سپريم ڪورٽ ڪندي.