اچو ته پاڻ تي پاڻ ڪجھه لکون!

0
734

ٿياسين نه محبوب ڪنهن جا ته ڇا ٿيو، اسان پنهنجا محبوب آهيون، اسان پاڻ تي عاشق آهيون، پنهنجي هر ادا تي فدا هوندا آهيون، اختلاف گوارا نه هوندو آهي، تنقيد برداشت نه ٿيندي آهي، هر ڳالھه دل تي وٺندا آهيون. رسون ته رات پوي، پرچون ته ڏينهن ٿئي! تنقيد وارو وڏي ويل ۾، معافي وٺي جند ڇڏائي! اسين تمام ڪمزورين ۽ ڪساين سان پنهنجي دنيا ۾ رهڻ وارا، پنهنجي هر عيب کي پسند ڪرڻ وارا ماڻهو، ڇو ته اهي اسان جا پنهنجا عيب آهن، اسان کي پيارا آهن! پر هي جيڪا دنيا آهي، اسان جي نه عاشق آهي نه اسان جي واھه تي ويٺي آهي، جو اسان سان اسان جهڙو عشق ڪري، دنيا وٽ پرک جا پنهنجا معيار آهن، جن تي پورو اسان کي لهڻو آهي، دنيا اسان جي معيار تي پوري نه لهندي.
تنهنڪري بجاءِ ان جي جو ٻيا اسان تي لکن ۽ اسان کي غصو اچي، اکيون ڪرڙيون ڪيون، مُٺيون ڀيڪوڙيون ۽ ڏنڊ پيهاٽيون، اچو ته پنهنجي حال کي پاڻ به ڏسون ته اسان ڇا آهيون. اسان کي پنهنجي اندر ۾ پيهي پنهنجو جائزو وٺڻ گهرجي، پنهنجي حقن تي به، پنهنجي حال تي به، پنهنجي مسئلن تي به لکڻ گهرجي. سنڌي ماڻهن جي روايتي تعارف ۾ ٻه مرض عام آهن. هڪ اهو ته ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪندا، صلاحيت ڪونهين، افعال نه اٿن، محنت نه پڄندن، ڪم کان ٻرو چڙهندن، کائڻ جا کَرا ڪم جا ڪُرا، لڀي ڪين گهوڙي تي زِين، گهر کان واندا ٽڪاڻي داخل، ويٺا حوال ڪٽيندءِ گهر خالي، هوٽل ڀريل، اڌ ڪپ چانهه تي سڄو ڏينهن چٽ! ٽوپي نراڙ تي سندرو ڊاڙ تي! اوڀاريون لهواريون، پرائي پچار، هِن هُن جي گلا، نه پاڻ ڪجهه ڪندا، نه ٻين کي سهندا، زبان تي ضابطو نه رهندن، هڪ جو ٻيو وهي ويندن، خصيص ڳالهه تي دشمني پرائي ويهندا، دوستيون گهٽ دشمنيون وڌيڪ نڀائيندا، پلوَ پراڻا نه ٿيندن، من ۾ مير رکندا ته وجهه ملندي وير وٺندا، چوندا مڙس ته ڦَڏو نه ته جڏي جو جڏو!!جهڙو شعور، تهڙا شوق، ڪڪڙن جو ميل، رِڇ ڪُتي جي ويڙهه، سوئر جي بڇ، ڏاندن گهوڙن گڏهن جي گوءِ، شرط هارائي ته هوءِ هوءِ، کَٽي ته ٺا ٺا!! جانور ويڙهائي پوءِ پاڻ وڙهندا، هڻي هڪ ٻئي جا دون سُڄائي رکندا، ٽڪي جي ڳالهه تي وڙهندا، لَکَ ڀريندا. پوليس پئسا به وٺندن چالان به ڪندن! حاضريون کائيندا، ورهيه گذاريندا، گهر ۾ لنگهڻ ٻاهر کنگهڻ، وري اهڙي ڳالهه تي جهيڙا، هڪٻئي جي اڙي نه سهندا، پوليس وارا شهپر ڦِيرائي رکندن ڪجهه محسوس نه ٿيندن! ٻاهريون باهيون گهر ۾، مايون پيا ماريندا، جڏي تڏي، چوٽيءَ ۾ هَٿَ، مايون وري ڪڍنديون ڪڪڙين مان باهيون، “ڪُڙ پهاڄ……واري وٺڻي….” ان تي وري انهن ۾ جهيڙا، “ڇو مُٺي، لائي ٿي ڳالهائين، مان ڄڻ سمجهان ئي نه ٿي!” هنن جا به هڪٻئي جي ڄنڊن ۾ هٿ!! وري ڪو مڙس شهپر وٽيندو اچي انهن کي سَٽيندو!.
هو جيڪي گهر ۾ ڪندا، وڏيري وٽ سا ئي ساڻن ٿيندي. بهانو ٺهندي ويرم ئي ناهي، وڏيري جي گار جي ڳهي پئي پوندي، هِتان لهندن، هُتان چڙهندن. چوندا، “ابو آ ”. گهر ۾ ڪچي ماني نه کائي سگهندا وڏيري جون ڪچيون گاريون کائي ويندا، زائفن جا ڄنڊا پٽيندا، پنهنجا شهپر وٽيندا، شهپر ايئن ڇڪي بيهاريندا جو مڇ تان ريل هلي وڃي!!. پنهنجي جوڙيل ماحول جا مرد پيا سڏبا، جهڙي سوچ تهڙو خيال، چوندا، “ماڻهو موچڙي سان ٻڌل آ.”، “ماني ڍَوَ تي آ، موچڙي جي ڍرائي آ.”، “سٻر سوٽو ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري.”، “جهڙو منهن تهڙي چپاٽ”، ڪي پهاڪا اهڙا جو لکندي لڄ اچي. مهڻي تي مائي ماري ڇڏيندا، چوندا ڪني آڱر وڍي ڪار آ، مرد کان چٽي ڀرائي وٺندا، اُن پئسن مان وري ٻي پرڻبا، چوندا، مردن لاءِ زالان کوڙ!! جن لاءِ زالان کوڙ آهن اُهي وري ڇوڪراڻي سنگت جا به ڪوڏيا، مُڇ کي وٽ يار کي ٻک، جاڏي تاڏي سهڻو ساڻُ!.مردن جا ڪم مايون ڪنديون، هي وڏيري جي وانگار تي! رونبي لاباري کان وٺي ويڙهه تائين وانگار آ……….خونن کان وٺي ڪورٽن جي حاضرين تائين، وانگار جو وڏو جهان آ! جيڪو سندن جهان خان آ، ان جا هنن جي عزتن تائين به هٿ وڃن پر هنن جا هٿ سندس پيرن تائين مس پڄن!!.
سنڌي ماڻهو يا ته اهڙو سُست جو پئي پئي گهر جون کٽان پيو ڀڃندو، هٿ مان ڪريل شيءَ نِوِڙي کڻڻ ۾ عار محسوس ڪندو، بک مرندو گهر کان نه نڪرندو، ڳوٺ کان شهر ايندو ته مائٽن کان موڪلائي نڪرندو، ياسين شريف ساڻ، سفر جون سڀ دعائون ياد، ويهارو ميل پنڌ تي، پاڻ کي پرديس ۾ ڀائيندو، پيو گهٻرائيندو، پاڻ تي نه ڀاڙيندو، سهارا تاڙيندو. ماءُ جي ڪڇ تان لهندو ته زال جي هنج جهليندو، ٻاروتڻ جوانيءَ تائين هلندس، جوانيءَ ۾ ئي جهونو ٿي ويندو، جلدي کٽ وٺندو، ڪڏهن تِڙڪي تي، ڪڏهن ڇانوَ ۾ پيو کٽ سورائيندو، اُنهيءَ کٽ تي کڄي هڪ ڏينهن قبرستان پهچندو، همراهه جي حياتي پوري…!!ٻئي بيماري جو نالو هروڀرو واري ارڏائي آهي. سنڌي نوجوان اگر ارڏو هوندو ته حياتيءَ ۾ ڪو وڏيرو ضرور هوندس جيڪو جواني جهيڙن ۾ ڳاري ڇڏيندس، وڏيري جو هڪ موچڙو بڻجي ماڻهن تي پيو وسندو، جيئن جُتي گَسي وڃي، تيئن ماڻهو به کُسي وڃي ٿو، اهڙو جوڌو جڏهن جهونو ٿيندو ته ڇڙو جهيڙن جا واقعا پيو ٻڌائيندو. “ڦلاڻي سان ٻکيم کيس ساڙي لاتم، وڏيري کي وَٺُ نه ٿي ڏنائين ليٽائي رکيو مانس، ڏاڍي مڳي هُئس ڊاهي رکيو مانس، لئي پئي ڪيائين، مڻڪو ڀڃي ڇڏيو مانس، لوڏ ڪري هلندو هو، لوڏ ڦيرائي رکي مانس.” ڪارنامه ڪل فساد وارا. آخر اهي ڦڏا ڪندڙ جائي پائي جڏهن جَڏا ٿي وڃن ٿا ته رانديڪن جيان ڊهي ٿا پون.
اهو به لکڻ جو موضوع آهي ته شهري سهولتن کان محروم رهندي مني سنڌ ٻهراڙي ٿيندي پئي وڃي، ۽ چوٿائي سنڌ جا شهر وڏا ۽ ويڪرا ٿيندي سنڌ کان پنهنجو هٿڙو ڇڏائيندا پيا وڃن. هيڏي پنهنجي ساهه جي به ساڃاهه ڪونهي، هوڏي موڊ ئي ٻيو ٺهندو پيو وڃي! هي به لکڻ جو اشو آهي ته سنڌ جيتري عوام آهي اوتري نظرانداز آهي ۽ جيتري اها ڀوتار ۽ نواب آهي اوتري آسودي ۽ خوشحال آھي، عام ۽ خاص جو تفاوت وڌي رهيو آهي، الائي ڪٿي دنگ ٿيڻو آهي.
هي به لکڻ جي ڳالھه آھي ته سنڌ جيتري ڪراچي، جي ڊي ايڇ اي ۽ بحريه ٽائون آهي اوتري ورهاست جي امڪان هيٺ آهي، اتي اها ڳالھه به قلم کان رهڻ جهڙي ناهي ته انهي امڪاني ورهاست کي يقيني وري اسان جي سياست بڻائي رهي آهي، “مضبوط سياست” پنهنجي مفاد سان، ۽ “ڪمزور سياست” پنهنجي غصي سان. هوءَ پنهنجي مڪاري سان، هيءَ پنهنجي جذباتيت سان. هڪ سان اسان جو تعلق عقيدت وارو آهي، ٻيءَ سان نتيجن تي اتفاق وارو آهي. هڪ ووٽ وٺي مٿو ڪوڙي ٿي، ٻي اسان جي هوءِ هوءِ بڻجي ٿي. غصي جا ٻه ٽي ڏينهن عقيدت جي موسم سڀڪا… اسان جو ووٽ عقيدت مند آهي، اسان جو غصو قومپرست آهي. پوءِ کوڙ سارا نتيجا آهن، سياست سان اسان جو ساٿ الائي گهڻي ۾ پئجي رهيو آهي!
اهو اسان جي سياست جو الميو، پر اسان جي سماج جو الميو به ڏسو، ڏسو ته اسان ڪيئن هر لحاظ کان ٻڏندڙ ٻيڙيءَ جا سوار آهيون. ٽائيٽينڪ جا مسافر شعور وارا ها هنن کي پنهنجي بيوقوفين نه ٻوڙيو هو، هنن کي قدرتي حادثي ٻوڙيو هو، هو ٻڏي ضرور ويا ها پر بچڻ جي پوري ڪوشش ۽ تدبيرون ڪندي ٻڏي ويا ها. جڏهن ته هت اهڙي ڪا ڪوشش ته ڇا ان جو احساس به نٿو ملي ته اسان ٻڏي رهيا آهيون. وڏي ارمان جي ڳالھه ته اها آهي اسان ڪنهن اونهي سمنڊ ۾ نه، اسان ننڍن ننڍن تلائن ۾ ٻڏي رهيا آهيون. جنهن مان مڪر ۽ شاڪر به نڪري ويندا آهن اسان کي اهڙا دُٻا ٿا ٻوڙين! سياست تلاءَ آهي، وڏيرا دُٻا آهن! ويتر شرمندگي جي ڳالھه اها ته جهالت جي ترڪڻ تان به روز ترڪندي ڪرون ٿا ۽ مرون ٿا.