آصف زرداري جي صحت ڪيئن آهي؟

0
336

پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرينز جو صدر ۽ ملڪ جو اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ناچاڪي سبب هڪ دفعو ٻيهر اسپتال ڀيڙو ٿيو آهي. گذريل ٽن سالن دوران هو ڪيترائي ڀيرا اسپتال داخل ٿيو آهي. هن جي اسپتال داخل ٿيڻ سان ئي افواهن، قياس آرائين ۽ تبصرن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ بلاول هائوس طرفان انهن افواهن، قياس آرائين تي تمام گهٽ رد عمل ڏنو ويندو آهي. جنهن جي ڪري حقيقت جي خبر نه پئجي سگهندي آهي.
هڪ پاسي منظم انداز ۾ اهي افواهه شروع ٿي ويندا آهن ته آصف علي زرداري جي طبعيت تمام گهڻي خراب آهي ۽ ڪنهن وقت ڪهڙي به خبر اچي سگهي ٿي. مثال طور گذريل سال اپريل مهيني ۾ هڪ وڊيو وائرل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه هڪ اهڙي مريض جي عيادت ڪري رهيو آهي جنهن جي شڪل آصف علي زرداري سان ڪنهن حد تائين ملندڙ جلندڙ هئي ۽ مريض جي حالت مان لڳي رهيو هو ته هو مرڻ جي ويجهو آهي، انهي کي آصف علي زرداري جي وڊيو طور وائرل ڪيو ويو. حقيقت اها هئي ته اهو مريض پيپلز پارٽي شڪارپور جو سينيئر اڳواڻ قاضي حفيظ الرحمان هو جيڪو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وفات ڪري ويوهو. ٻئي طرف اها پروپئگنڊه به ڪئي ويندي آهي ته نيب جي ڪيسن ۾ گرفتاري جي خدشي سبب آصف علي زرداري اسپتال داخل ٿي ويو آهي،هو ٺيڪ ٺاڪ آهي، هن جي بيماري سياسي آهي ۽ هو علاج جي آڙ ۾ ميان نواز شريف وانگر هن ملڪ کان ٻاهر وڃڻ گهري ٿو. پاڪستان پيپلز پارٽي يا بلاول هائوس طرفان مختلف سببن جي ڪري انهن افواهن قياس آرائين ۽ تبصرن تي گهڻو ڪري خاموشي اختيار ڪئي ويندي آهي.
جيڪڏهن انهن افواهن جي تصديق ڪئي وڃي ته آصف علي زرداري گهڻو بيمار آهي ته پارٽي جي صفن ۾ مايوسي پکڙجي سگهي ٿي ۽ سياسي طور وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته زرداري صاحب جي طبعيت ٺيڪ آهي ته انهي سان انهي پروپئگنڊه کي هٿي ملندي ته اها بيماري سياسي آهي.
پوئتي پيل ملڪن سان گڏوگڏ سڌريل ملڪن ۾ به اهم شخصيتن جي صحت کي ڏهاڙي جي بنياد تي مانيٽر ڪرڻ جو انٽيليجنس نيٽ ورڪ ڪم ڪندو رهندو آهي. رياستي ادارا انهي حوالي سان پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کان وڌيڪ باخبر هوندا آهن. انهن جي معلومات جي بنيادن تي ئي سياسي فيصلا ٿيندا آهن، اهي ادارا به مختلف سبب ڪري حقيقتن کي لڪائيندا آهن.
هن وقت آصف علي زرداري جي صحت جي باري ۾ اصل صورتحال ڇا آهي؟ اهو سوال ملڪي سياست ۾ پيپلز پارٽي جي ايندڙ ڪردار جي حوالي سان تمام گهڻو اهم آهي. انهي حقيقت کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي ته آصف زرداري مختلف بيمارين سان وڙهي رهيو آهي هو دل جي تڪليف سان گڏوگڏ بلڊ پريشر ۽ شگر جي بيمارين ۾ ورتل آهي. ڳالهائڻ وقت هن جو مٿو ۽ هٿ ڏڪندا آهن. اهڙي طرح هن کي پارڪنسن (ڏڪڻي) جي بيماري به آهي، اهي سڀئي بيماريون نه رڳو سڄي عمر هلنديون آهن پر وقت سان گڏوگڏ انهن ۾ واڌارو به ٿيندو آهي. کيس چيلهه جي سور جي به تڪليف آهي.
آصف علي زرداري کي 2005ع ۾ دل جو پهريون دورو پيو هو. محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ڪتاب ”مفاهمت“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿي ته “جڏهن منهنجي مڙس 2005ع ۾ دبئي ۾ مون سان ۽ منهنجي ٻارن سان ملاقات ڪئي ته کيس دل جو دورو پيو. جنهن کي هڪ ڊاڪٽر تباهه ڪندڙ قرار ڏنو. توڙي جو ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته آصف زرداري کي پريشان نه ٿيڻ گهرجي پر هڪ سخت بيمار شخص تي عدالتي ستم ۽ هڪ طرفي ڪارروائي جي ڌمڪين جو لڳاتار دٻاءُ خوفناڪ هو، ڪيترا ڀيرا مان اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندي هيس ته ڇا آصف زرداري جيئرو به رهي سگهندو؟ ڇو ته هن جي دل ، بلڊ پريشر ۽ شگر نهايت خراب حالت ۾ هئي.” محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي مڙس آصف زرداري جي صحت جي باري ۾ جيڪو ڪجهه لکيو انهي مان اها حقيقت ظاهر ٿئي ٿي ته 16 سال اڳ هو دل،بلڊ پريشر ۽ سگر جي مرض ۾ مبتلا هو.2005ع ۾ کيس دل جو شديد دورو پيو هو. جنهن سان هن جي دل جون رڳون گهڻيون ڪمزور ٿي ويون هيون. هو آمريڪا۾ به علاج هيٺ رهيو. انهن 16 سالن ۾ احتياط، علاج ۽ دوائن جي باوجود انهن بيمارين ۾ واڌارو ٿيندو رهيو. پارڪنسن(ڏڪڻي) جي بيماري ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي. سندس شگر ليول به ڪڏهن تمام گهٽجي ويندي آهي ۽ ڪڏهن گهڻي وڌي ويندي آهي. گذريل آڪٽوبر ۾ هن جي شگر ليول گهٽ ٿيڻ ڪري کيس اسپتال داخل ڪيو ويو هو ۽ هو تقريبن 15 ڏينهن تائين اسپتال ۾ رهيو هو هن وقت هو ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ ضياءَ الدين اسپتال ۾ داخل آهي.
آصف زرداري جي صحت کي ڏسندي سندس پٽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو پنهنجون سموريون سرگرميون معطل ڪري اسلام آباد کان ڪراچي پهچي ويو آهي. جڏهن ته بختاور ڀٽو زرداري ۽ انهي جو مڙس محمود چوڌري به دبئي کان ڪراچي پهچي ويا آهن. آصفه ڀٽو زرداري پهريائين پنهنجي والد سان گڏ ڪراچي ۾ آهي. اسپتال مان ملندڙ رپورٽن مطابق ٻين بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن سان گڏوگڏ آرٿو پيڊڪ سرجن به سندس معائنو ڪيو آهي. اهو سوال ڪيو پيو وڃي ته آصف علي زرداري کي آرٿو پيڊڪ جو ڪهڙو مسئلو آهي. سندس چيلهه جي سور جو علاج ته نيورو سرجن ڪندو آهي.
پيپلز پارٽي ۽ بلاول هائوس جو آصف علي زرداري جي صحت جي حوالي سان ڪو به رد عمل نه آيو آهي صرف غير رسمي طور اهو ٻڌايو پيو وڃي ته زرداري صاحب پنجاب ۾ پنهنجي وڌيڪ سرگرمين سبب ٿڪاوٽ محسوس ڪري رهيو آهي ۽ ڊاڪٽرن کيس آرام جو مشورو ڏنو آهي. هتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن آصف علي زرداري جي طبعيت خراب ناهي ته بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير جي انتهائي اهم چونڊ مهم ڇڏي ڇو آيو آهي؟ ٻئي طرف اهو به چيو پيو وڃي ته بلاول ڀٽو زرداري 7 جولائي کانپوءِ آمريڪا جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه آمريڪا روانو ٿي چڪو آهي. انهي مان ظاهر ٿئي ٿو ته آصف علي زرداري جي طبعيت بهتر آهي پر هن ڀيري آصف زرداري جي صحت جي باري ۾ معلومات وٺڻ واريون ڌريون وڌيڪ سرگرم آهن ۽ قياس آرائين جو سلسلو به وڌيڪ آهي. جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري شيڊيول مطابق آمريڪا نه ويو ته قياس آرائين ۾ واڌارو ٿي سگهي ٿو. هونئن پيپلز پارٽي جا مختلف ماڻهو اهو مڃين ٿا ته عمر سان گڏوگڏ آصف علي زرداري جي صحت لڳاتار ڪري رهي آهي ۽ کيس مستقل طور بهتر علاج جي ضرورت آهي.