جمهوريت، علامتي جنازو ۽ سنڌ اسيمبلي

0
213

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر ميمبر (رڳو پي ٽي آءِ) اڱاري ڏينهن جمهوريت جي علامتي جنازي طور ايوان ۾ کٽ کڻي آيا، اسپيڪر مخالف ڌر جي ان قدم کي ايوان جي سنگين بي حرمتي قرار ڏيندي ذميوار 8 ميمبرن جي ايوان ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي. ايوان ۾ سخت هنگامو ٿيو، نعريبازي ۽ گوڙ گھمسان ڪيو ويو، جمهوريت جو جنازو آهي ٿورو خيال سان نڪرندو جھڙا بينر پڻ ڏيکاريا ويا. هيءَ ته سنڌ اسيمبليءَ هئي، قومي اسيمبلي، بلوچستان اسيمبلي ۽ وقت به وقت خيبرپختونخوا اسيمبلي ۽ آزاد ڪشمير اسيمبلي ۾ ڪارروائي دوران ايوانن کي جھڙيءَ ريت مڇي مارڪيٽ بڻايو ويندو آهي ان مان لڳي ٿو ته اوهان اهڙي ايوان ۾ نه آهيو جتي توهان جا چونڊيل نمائندا توهان جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. پاڪستان کان به گھڻا خراب منظر ٻين ملڪن جي اسيمبلين ۾ ڏسڻ لاءِ ملندا آهن پر اهو ڪو جواز ناهي ته اسان جا چونڊيل نمائندا به ايئن ئي ڪن. قومي اسيمبليءَ ۾ هونئن ته تحريڪ انصاف اڪثريت ۾ آهي، اتي پ پ پ ۽ ن ليگ احتجاجي مظاهرا ڪندا آهن، سنڌ ۾ پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي مخالف ڌر جو حصو آهن پر ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي احتجاج ۾ عملي حصو وٺڻ کان پري رهندا آهن ڇو ته ٻنهي پارٽين سان واڳيل ڪجھه ميمبرن جي مفادن جو مسئلو آهي. حڪومت ڪنهن به طرح پنهنجي ڪارڪردگي تي ڳالهيون ڪرائڻ جي قائل ئي ناهي. هوءَ هڪ طرفي دل گھريون ڪارروايون ڪندي پئي وڃي. حڪومت ۽ پ پ پ اها ڳالهه ڪنهن به طرح مڃڻ جي لاءِ تيار نه آهي ته اهو صوبي جي بنيادي مفاد جي خلاف آهي.
اسپيڪر جي فيصلو جو آڌرڀاءُ ڪندي ميمبر ٻئي ڏينهن ايوان ٻاهران دهل ۽ شرنائي کڻي آيا. اسيمبلي ٻاهران دهل وڃايا ويا. ان تي ڪارروائي ڪندي پي ٽي آءِ جي ميمبرن جي اسيمبليءَ جي اڱڻ ۾ داخلا تي پابندي لڳائيندي سمورا گيٽ بند ڪيا ويا ته ميمبر ڀتيون ٽپي آيا. مخالف ڌر جي هڪ ڌڙي جي ماڻهن ايئن ڪيو ئي ڇو؟ اهو ان جي ڪري ٿيو جو حڪومت ميمبرن کي بحث جو موقعو ڏيڻ کان سواءِ ئي بجيٽ منظور ڪرائي ورتي. ان قدم کين ڪاوڙ ڏياري ۽ هي سمورو تماشو ٿيو. پاڪستان ۾ جنهن انداز ۾ حڪومتون هلايون پيون وڃن ۽جھڙي ڪارڪردگي آهي ان کي جمهوريت قرار ڏيڻ جمهوريت تي چٿر ڪرڻ آهي. جيڪو عام طور تي معمول بڻجندو پيو وڃي، ظاهري طور هڪ بنيادي سبب اهو آهي ته ميمبرن جي گھڻي اڪثريت اسيمبلي جي قانونن ۽ طور طريقن کان ناواقف آهي. جيتوڻيڪ اڪثر ميمبر ته هڪ کان وڌيڪ ڀيرا قومي ۽ ٻين اسيمبلين جي لاءِ چونڊجي چڪا آهن، انهن کان زحمت ئي نه ٿي ته کين بنيادي نوعيت جي اهم قانون جي آگاهي ڏني وڃي. اسيمبلين جو هڪ نظم هوندو آهي ان جي پابندي ڪرڻ سڀني تي لازمي هوندي آهي.
سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ان ڏينهن هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو ته دعا جي وقفي دوران پي ٽي آءِ جي ٻن ميمبرن عديل احمد ۽ اديبه حسن پنهنجي سيٽن تي اٿي بيهي چيو ته سنڌ ۾ جمهوريت جو موت ٿي ويو آهي دعا گھري وڃي. اسپيڪر جي لاءِ ڪارروائي هلائڻ ڏکي ٿي پئي، ان گوڙ گھمسان ۾ حڪومت ٻه بل منظور ڪرائي ورتا ۽ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. اهڙي قسم جون ڪارروايون پاڻ ٻڌائين ٿيون ته حڪومت ۽ ميمبر ٻئي جمهوري طريقن تي عمل درآمد ۾ سنجيده ناهن، جيڪو جمهوريت جي موت جو ئي اشارو ڏئي ٿو. جمهوريت جي موت جو مطلب صاف صاف آهي ته اسيمبلين کي ان ئي انداز ۾ هلايو ويندو ۽ حڪومتون پنهنجيون گاڏيون ڌڪينديون. عام چونڊن جي مُدي ۾ ٻه سالن جو عرصو ئي رهجي ويو آهي. سموريون سياسي پارٽيون ان هٿ ٺوڪي جمهوريت تحت عام چونڊن ۾ مصروف ٿي وينديون. جو ٿي ويو سو ٿي ويو، سڀ وساري ڇڏيو ته اسيمبليءَ ۾ جمهوريت جو جنازو به ڪڍيو ويو هو، ان کي دفن به ڪيو وڃي ياجمهوريت جو علاج ڪرايو وڃي. جمهوريت جي علاج جو ڪو نسخو ته ڪٿي به موجود ناهي پر سمورن ئي ميمبرن کي تهذيب جي دائري ۾ رهندي شائستگيءَ جو دامن پڪڙي اسيمبلين جي ڪاررواين ۾ حصو وٺڻ گھرجي. جيڪڏهن کين شڪايت هجي به ته فوري ردعمل ڏيڻ بجاءِ اسپيڪر کي لکت ۾ شڪايت ڪرڻ گھرجي يا اطلاع ڏيڻ گھرجي ته، ان جي لاءِ صبر، برداشت، درگذر ته ننڍپڻ ۾ ئي سيکاريو ويندو آهي. اسان وٽ ته اسڪولن يا ڪاليجن ۾ ان تي غور ئي ناهي ڪيو ويندو. ٻارن کي پٺي تي ڳريون ڳريون بيگون کڻي گھرايو ويندو آهي، ڪورس جي نالي تي ڪتاب پڙهايا ويندا آهن ۽ استاد سمجھندا آهن ته هنن پنهنجي ذميواري پوري ڪري ڇڏي. جيتوڻيڪ ايئن ناهي هوندو.
ڳالهه ٿي رهي هئي جمهوريت جي علامتي جنازي جي. ميمبر ڀلي قومي اسيمبليءَ جا هجن يا ٻين اسيمبلين جا،خيال سان قدم کڻڻ گھرجي ته جيئن جمهوريت جو جنازو کڻڻ بدران ان کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگھجي، ان ئي ۾ سڀني جو مفاد آهي. جڏهن جڏهن پاڪستان ۾ جمهوريت جي تڏا ويڙهه ٿي آهي ته ان کي ٻيهر وڇائڻ جي لاءِ ڏهن ڏهن سالن جو عرصو لڳي ويو آهي. موقعي ۽ مفاد پرست سياسي عنصر شروعاتي سال ته تنقيد ڪرڻ ۾ ئي گذاري ڇڏيندا آهن. هتي ته عوام ٻيهر چونڊن جي موقعي تي چونڊن ۾ ٻيهر حصو وٺڻ وارن کان سوال ئي ناهي ڪندو ته توهان ڪهڙا ڪارناما انجام ڏئي آيا آهيو. اڪثريت پولنگ اسٽيشنن تي آندي ويندي آهي، ووٽ وجھرايا ويندا آهن ۽ کين روانو ڪيو ويندو آهي، هن جمهوري عمل مان پاڪستان اڃان تائين گذري رهيو آهي. عوام بددل ٿي چڪو آهي، سندن بد دليءَ جو مظاهرو قدم قدم تي انهن جي ملڪي معاملن کان لاتعلقيءَ ۾ نظر اچي ٿو. هاڻي ڏسون ته ڪيستائين؟