ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ اٽي جو بحران برقرار، اگهن ۾ واڌ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف سنڌ سراپا احتجاج، مختلف شهرن ۾ شهرين، سياسي سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽي جا مظاهرا، ڌرڻا، علامتي بک هڙتال، ريليون، ڪنري ۾ همراهه جو معصوم ٻارڙو کڻي احتجاج، خبر موجب حيدرآباد ۾  تنظيم اهلبيت و صحابه پاران پريس ڪلب آڏو غازي غلام عمر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته پ پ شهيد ڀٽو پاران ارشاد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ٽئين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي وئي، لاڙڪاڻي ۾ شهيد ڀٽو پاران ڪالهه ٽئين ڏينهن به لياقت عمراڻي، عبدالستار جاگيراڻي، محراب ڀٽو، ميڊم پروين چانڊيو، روشن سومرو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ٽن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، سکر ۾ واپارين، سياسي، سماجي، مذهبي توڙي قومپرست جماعتن جي اتحاد سکر ڊولپمينٽ الائنس پاران حاجي جاويد ميمڻ، عبيدالله ڀٽو، شاهه محمد انڍڙ، غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو، عبدالحميد شيخ ۽ ظهير بابر جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو،  خيرپور ۾ ريڙها مزدور يونين پاران شهباز ڦلپوٽو، فقير وهاب شيخ، پپن ناريجو ۽ راجا سرڪي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن اشفاق سرڪي، فواد حداد، محمد پيرل ڪلهوڙو، عابد علي جعفري، شڪيل ڦلپوٽو ۽ ٻين ريلي ڪڍي علامتي بک هڙتال ڪئي، جيڪب آباد ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن نديم قريشي، سعيد بروهي، عبدالسميع سومرو ۽ نور محمد منجهو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، شھدادڪوٽ ۾ بئريسٽر ٽيم پاران 4 ڏينهن به ڪامريڊ لياقت کوسو، معصوم ٻارڙن سان گڏ ڪوٽو موٽو چوڪ تي علامتي بک ھڙتال ڪئي، نندو ۾ ايس ٽي پي پاران صديق لاکاٽيو، واحد ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٽنڊوغلام علي ۾ سجاد شاھ ۽ عمران سولنگي جي اڳواڻي ۾ شهري پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، دڙو ۾ محمد خان منڇري، بچل ملاح، حنيف چانگ ۽ ٻين احتجاج ڪيو، راڄوخاناڻي ۾ جي ڊي اي، ايس ٽي پي ۽ ٻين پاران مير تاج ٽالپر، عاشق ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، عثمان شاهه ھڙي ۾ غلام مصطفيٰ ميرجت، لال محمد بلوچ ۽ ٻين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، ھالا ۾ اجن شاهه، علي ساريو، رب ڏنو جوڳي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، وڳڻ ۾ آل پارٽيز ايڪشن ڪاميٽي پاران ممتاز وڳڻ ۽ لالا حفيظ پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ مک چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو، سيهڙ ۾ غلام مرتضيٰ وگھيو،  آفتاب چانڊيو، اسد علي سرگاڻي احتجاج ڪيو، ڪنري ۾ ٻسٽان روڊ تي سستي اٽي جو اسٽال بند ٿيڻ خلاف سوين عورتن ۽ مردن حاجران، سميعا، فرح بيبي، سويرا، امامت، حيدر علي، خالد جان، فاطمه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، جنهن دوران مڇريل عورتن پاران اسٽال جي دڪان کي ڏنڊن سان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جماعت اسلامي طرفان عيد گاهه روڊ کان مک آمريڪن چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، ٻئي پاسي شير خان واسي پورھيت ڄام ڀيل پنھنجي ھڪ مھيني جي ٻار کي کڻي احتجاج ۾ شامل ٿيو، پورھيت احتجاج ڪندي چيو ته ڪاٺيون وڍي گھر جو چرخو ھلايان ٿو، مھانگائي ايڏي وڌي وئي آھي، گذر سفر ناممڪن بڻجي ويو آھي. ھن چيو ته مھيني جو ٻار کڻي انڪري احتجاج ڪيان پيو ته من ڪٿي حڪومتي نمائندن کي منھنجو ٻچو ڏسي پنھنجن ٻچن جو خيال اچي، نبي سرروڊ ۾ اٽو بليڪ تي مهانگو وڪرو ڪرڻ خلاف شهرين قاسم چانڊيو، اقبال، علي حسن، مٺو چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ميرواهه گورچاڻي ۾ پاڪستان خاصخيلي اتحاد پاران عثمان خاصخيلي، ڊاڪٽر علي حسن، انجنيئر امداد خاصخيلي، محمد شريف ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،