جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد هندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي جي ڀائٽي واپاري سنجي ڪمار کان جوابدار فون وسيلي 10 لک ڀتو طلب گهريو، نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندس اسڪول ويندڙ نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي پڻ ڌمڪي ڏني وئي، هندو پنچائت جي صدر ايس ايس پي کي ڀتاخوري بابت شڪايت ڪئي. پوليس محمد پور اوڍو مان تنوير لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته جوابدار پوليس آڏو ڏوهه ڪرڻ جو اعتراف ڪيو پوليس جوابدار کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ هندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجي ڀائٽي سنجي ڪمار کان فون تي 10 لک روپيا ڀتو طلب ڪيو ويو نه ڏيڻ جي صورت ۾ اسڪول ويندڙ نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي اھڙي شڪايت ايس ايس پي کي ڪئي وئي جنهن کان پوءِ پوليس هڪ جوبدار کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته جوابدار پڻ ڏوھه جو اعتراف ڪيو آهي. پوليس موجب واپاري سنجي ڪمار کان ڀتو گهرندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ۾ مختلف هندو واپارين کي ڌمڪائي ڀتو وٺندو آهيان.