اين سي او سي پاڪستان ايندڙ ايئر ٽرئفڪ 80 سيڪڙو گهٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

0
209
ايف بي آر پي آءِ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين سي او سي ڪورونا جا ڪيسز وڌڻ تي پاڪستان ايندڙ ايئر ٽرئفڪ 80 سيڪڙو گهٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سافرن جي فاسٽ ٽريڪ ايپ ۾ رجسٽريشن ۽ 72 ڪلاڪ اڳ پي سي آر منفي ٽيسٽ رپورٽ ڏيکارڻ لازمي قرار، مسافر ٽيسٽ مثبت اچڻ تي 10 ڏينهن قرطينه ٿيڻ جا پابند هوندا، پاڪستان ايندڙ مسافرن لاءِ ايڊوائيزري جاري، اين سي او سي هدايتن تي عمل لاءِ پرڏيهي کاتي، گهرو وزارت ۽ صوبائي چيف سيڪريٽريز سوڌو سول ايويئيشن اٿارٽي کي به خط لکي ڇڏيو، خط ۾ چيو ويو آهي ته 4 کان 20 مئي تائين فضائي سفر محدود رکيو ويندو.