مٺياڻي ويجهو مبينا اغوا ٿيل ناري جوابدارن وٽان فرار ٿي گهر پهچي وئي

0
286

مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي ويجهو مبينا اغوا ٿيل ناري جوابدارن وٽان فرار ٿي گهر پهچي وئي، پراڻا جتوئي واسڻ سائرا ڌيءَ محمد برهماڻي پاران جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آھي، ناري سائرا جو چوڻ آھي تھ پنج سال اڳ يامين برهماڻي سان شادي ٿي، 6 مهينا اڳ نظير عرف لوٽي برهماڻي اغوا ڪري ويو، ھن چيو تھ جوابدار منهنجي پيءُ کي اغوا ڪري، عدالت ۾ بيان ڏياريو ته مون نظير سان شادي ڪئي آهي، جوابدارن وٽان وجهه وٺي فرار ٿي پنهنجي گهر پهتي آهيان، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، زندگي کي خطرو آھي، تحفظ ڏنو وڃي.