نواز ليگ اين اي 249 تي ننڍي چونڊ کي هڪ ڀيرو ٻيهر تڪراري قرار ڏئي ڇڏيو

0
205
وزيراعظم ڌمڪين تي لھي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نواز ليگ اين اي 249 تي ننڍي چونڊ کي هڪ ڀيرو ٻيهر تڪراري قرار ڏئي ڇڏيو، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اليڪشن شفاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ سوال پيدا ٿيندا آهن، اڄ تائين اسان کي ننڍي چونڊ جو رڪارڊ نه ڏنو ويو آهي، هڪ سئو کان وڌيڪ فارم 45 تي پرزائيڊنگ آفيسرز جون صحيحون ٿيل ئي ناهن، ڪراچي ۾ اليڪشن ڊسڪه جي چونڊ کان به وڌيڪ تڪراري بڻجي وئي آهي، ننڍي چونڊ ۾ پرزائيڊنگ آفيسر، آر او ۽ ڊي آر او جو رويو افسوسناڪ رهيو، چيف اليڪشن ڪمشنر کان سموري تڪ جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.