ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 17.7 ارب رپين جي لاڳت سان مڪاني ادارن لاءِ 8 اسنارڪلز فائر ٽينڊرز، ڪچرو کڻندڙ ٽرڪ، ٽريڪٽرز ۽ ٽرالين جي خريداري جي منظور ڏئي ڇڏي. ڪالهه سي ايم هائوس ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن لاءِ 35 ميٽر ڊگهيون 8 اسنارڪلون خريد ڪيون وينديون جن مان ڪراچي لاءِ 3 ۽ حيدرآباد، نوابشاهه، سکر، ميرپور خاص ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن لاءِ هڪ هڪ خريد ڪئي ويندي، مڪاني کاتي واري وزير ناصر شاهه سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته اسنارڪلن جي خريداريءَ لاءِ ٽينڊرز جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. سڀني ڊويزنل هيڊڪوارٽرن لاءِ باهه وسائيندڙ گاڏين جي ضرورت آهي جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ 1.5 ارب رپين جي رقم رکون ٿا، مڪاني کاتي واري وزير ناصر شاهه اجلاس کي ٻڌايو ته ميونسپل ڪاميٽين کي پنهنجن علائقن مان گچرو کڻڻو هوندو آهي، تنهنڪري 102 ٽريڪٽر ۽ ٽراليون گهربل آهن، جن تي 4.1 ارب رپيا لاڳت ايندي. سنڌ جي وڏي وزير ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته ايندڙ مالي سال جي شروعات ۾ رقم فراهم ڪئي وڃي. وڏي وزير سنڌ ۾ ميونسپل ڪاميٽين کي 89 فائر ٽينڊرز جي خريداري لاءِ 2.8 ارب رپيا منظور ڪيا. سنڌ جي وڏي وزير بلديات کاتي جي هڪ ٻي تجويز جي منظوري ڏني جنهن تحت ايندڙ مالي سال ۾ 9.3 ارب رپين جي لاڳت سان 115 رفيوز ٽرڪ خريد ڪيا ويندا. مراد علي شاهه بلديات واري وزير کي هدايت ڪئي ته وڏن نالن جي صفائي لاءِ ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز کي فعال ڪري. هن چيو ته چوماسي جي مند اچي رهي آهي، تنهنڪري وڏن نالن جي صفائي جلد شروع ٿيڻ گهرجي.