اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ وفاقي ڪنٽرول ۾ هلندڙ اسپتالن سوڌو 5 اسپتالن جي بورڊ آف گورننس جي وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته وفاقي حڪومت سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ اسپتالون سنڌ حڪومت سان گڏجي هلائڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ناڻي جي وفاقي وزير شوڪت ترين جي ڪابينا ۾ شامل وزيرن آجيان ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو، وزيراعظم عمران خان تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ٿيل مذاڪرات ۾ ٿيل پيش رفت کان ڪابينا کي آگاهه ڪيو، وفاقي ڪابينا نيوڪليئر ۽ بايولاجيڪل هٿيارن جي حوالي سان سامان، ٽيڪنالاجي ۽ آلات تي ضابطي جي حوالي سان اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قرارداد تي موثر عملدرآمد کي يقيني بنائڻ لاءِ ۽ پيس آف ماس ڊسٽرڪشن جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ حڪومت پاڪستان جي عزم کي موثر طريقي سان عملي جامو پهرائڻ لاءِ وفاقي ڪابينا اسٽريٽجڪ ايڪسپورٽ ڪنٽرول ڊويزن کي ڪجهه اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏني وفاقي ڪابينا عام واهپي جي شين جي قيمتن بابت ڊيٽا بيس ٺاهڻ لاءِ قانوني مسودي جي منظوري ڏني، وفاقي ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته صدر پاران فيڊرل ميڊيڪل ٽيچنگ انسٽيٽيوٽس آرڊيننس 2020ع لاڳو ٿي چڪو آهي، جيڪو جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ڪراچي، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو اسڪلر ڊزيز ڪراچي ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس شامل آهن ان تي لاڳو ٿي چڪو آهي، وفاقي ڪابينا انهن ادارن جي بورڊ آف گورننس جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ڪراچي جي بورڊ آف گورننس ۾ ڊاڪٽر احسن رباني، پروفيسر ڊاڪٽر وسيم قاضي، عامر اي الله والا جي مقرري جي منظوري ڏني وئي ، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو اسڪلر ڊزيز ڪراچي جي بورڊ آف گورننس ۾ ڊاڪٽر حسنات محمد شريف، جسٽس سرمد جي عثماني ۽ حسن عزيز بل گرامي، جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچي جي بورڊ آف گورننس ۾ ڊاڪٽر امتياز اي هاشمي، پروفيسر ايس ٽيپو سلطان کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته پمز اسپتال جي بورڊ آف گورننس کي ۾ مزمل رشيد کي شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، وفاقي ڪابينا افغانستان ۾ يونائيٽيڊ نيشنس اسسٽنٽ مشن ۽ يونيسيف جي درخواست تي ڪراچي کان ڪابل تائين آرمڊ ڪنٽينرن جي روانگي جي منظوري ڏني، وفاقي ڪابينا خالد حامد کي نيسنل انشورنس ڪمپني جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر، ظهير عباس کي پاڪستان بيت المال جو ايم ڊي مقرر ڪرڻ جي منطوري ڏني، ڪابينا پاڪ- ايران سرحد تي بارڊر مارڪيٽن جي قيام لاءِ ايران سان معاهدي ڪرڻ جي منظوري ڏني، ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ حڪومت جي تعاون سان سنڌ جون اسپتالون هلايون وڃن، وفاقي حڪومت جي انهن اسپتالن کي هلائڻ جي خواهش نه هئي، عدالتي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏجي نظام ٺاهينداسين، وفاقي ڪابينا ڪرتارپور راهداري منصوبي کي پيپرا رولز کان ڇوٽ ڏيڻ واري مامري تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو.