ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پوليس ۾ سڌارن بابت درخواست تي ڌرين کان دليل طلب ڪندي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه ڄاڻايل درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس امجد علي سهتو ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس ۾ سڌارن بابت سپريم ڪورٽ معاملي کي ڏسي رهي آهي، آءِ جي سنڌ پاران ته تجويزون به ڏنيون ويون آهن، جنهن تي درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته آئون پوليس قانون 2019ع جي شقن کي چيلنج ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ سموري ملڪ جي پوليس سڌارن کي ڏسي رهي آهي، پوليس جو کاتو هاڻ صوبائي معاملو آهي، درخواستگذار ايڊووڪيٽ فيصل صديقي چيو ته اسان ان کي چيلنج ڪيو هو ته پوليس سڌارا وفاق ڪري سگهي ٿو پر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته پوليس صوبائي حڪومت جو سبجيڪٽ آهي، سپريم ڪورٽ واضع گائيڊ لائين به ڏنيون آهن، ان جي ابتڙ سڌارا نه ٿا ٿي سگهن، جنهن بعد عدالت ڌرين کان دليل طلب ڪندي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.