ايم ڪيو ايم جي مطالبن تي ڪو به اعتراض ناهي، بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيندي: وڏو وزير

0
204
ايم ڪيو ايم جي مطالبن تي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل صحيح چيو آهي ته ايندڙ سال ان کان به بهتر هوندو

مزار قائد تي حاضري ڀرڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسان جو ملڪ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان گذريو آهي ۽ اڄ به مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اڄ اسان کي پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي ياد رکڻ گهرجي، ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت جاري آهي،اسان گڏجي پنهنجي سرحدن ۽ آئين جي حفاظت ڪنداسين

مراد علي شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم جا ڪجهه مطالبا آهن، اسان کي انهن تي اعتراض ناهي، سنڌ جي ٻين پارٽين به آدمشماري واري معاملي تي اسان سان سهڪار نه ڪيو، اسان بلدياتي قانون تي گهڻيون تجويزون مڃيون آهن، بلدياتي قانون نئي تجويزن سان گڏ اسميبلي ۾ پيش ٿيو ۽ ڪميٽي وٽ آهي

هن چيو ته اسان ايم ڪيو ايم سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي جيڪا ضروري هوندي ان تي قانون سازي ڪنداسين، اسان چاهيون ٿا ته اسان جا مڪاني ادارا مضبوط ٿين

هن چيو ته آدمشماري تي اسان کي اعتراض هئا، اسان اليڪشن ڪميشن جي موجب لوڪل باڊي بل پاس ڪيو، گورنر ان لوڪل باڊي بل تي پنهنجون تجويزون ڏنيون، اسان انهن کي درست ڪري ٻيهر پاس ڪيو

وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ بابت پڇيل سوال تي مراد علي شاهه چيو ته بي اعتمادي جي رٿ آئين موجب داخل ڪئي وئي، ان کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو خلاف بي اعتمادي جي رٿ آئي هئي

هن ماحول ۾ جمهوريت جي نقصان جو ذميوار ڪير آهي، واري سوال تي سنڌ جي گورنر وڏي وزير ڏانهن اشارو ڪيو ته صحافين ۽ ٻيا کلڻ لڳا

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته تحريڪ عدم اعتماد ڪامياب ٿيندي، اسان چاهيون ٿا ته هي ملڪ آئين موجب هلي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي وئي هئي ته ڪجهه ڏينهن ۾ ان تي ووٽنگ ڪئي وئي هئي، هن بي اعتمادي سان ملڪ کي نقصان نه پهچندو

ھي به پڙھندا

صدر چوندو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻو پوندو: عمران اسماعيل