ميرپورماٿيلو: لاھور واسڻ عورت مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي پريس ڪلب پھچي وئي

0
162
ميرپورماٿيلو: لاھور واسڻ

ميرپورماٿيلو (ن پ ا) لاھور واسڻ شادي شده عورت مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي پريس ڪلب پھچي تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي

مسمات آسيه جو چوڻ آهي ته 6 سال اڳ ميرپورماٿيلو واسي منير شيخ سان شادي ڪئي جيڪو سالن کان مارڪٽ ڪندو آھي، رات بدترين تشدد ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو، جنهن سبب دربدر آھيان

هن چيو ته مڙس 3 ورھين جي ڌي ثانيه کسي ورتي آھي، جنھن جي زندگي کي پڻ خطرو آھي، پوليس مدد نٿي ڪري

تحفظ لاءِ پريس ڪلب پھتل عورت جو سھرو پريس ڪلب پھچي عورت کي زبردستي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، عورت جو وڃڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد ميرپورماٿيلو پوليس پھچي عورت کي ٿاڻي تي وٺي وئي

ھي به پڙھندا

دادو ۾ ماءُ پيءُ جي گهر ۾ ترسيل عورت مڙس ۽ ڏير هٿان مبينا قتل