دادو ۾ ماءُ پيءُ جي گهر ۾ ترسيل عورت مڙس ۽ ڏير هٿان مبينا قتل

0
211
سنڌ پنجاب بارڊر

دادو(ن پ ا) دادو شهر ۾ ماءُ پي جي گهر ۾ ترسيل عورت مڙس ۽ ڏير هٿان مبينا طور قتل ٿي وئي، مقتولڻ عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته غنويٰ کي مڙس صلاح الدين جتوئي ۽ ڏير ابراهيم فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي

وارثن موجب پهريان غنويٰ جو ڏير ابراهيم گهر آيو ۽ غنويٰ جي پٽن مبين ۽ ولي محمد کي وٺي ويو ان کانپوءِ 3 ڀيرا وري گهر اچي تاڙ  ڪري مردن جي گهران نڪرڻ بعد عنويٰ جو مڙس صلاح ۽ ڏير ابراهيم جتوئي گهر ۾ گهڙي پسٽل جا فائر ڪري گوليون هڻي غنويٰ کي قتل ڪري ڇڏيو

هنن الزام هنيو ته غنويٰ کي سهيل جتوئي 18 مهينا اڳ کڻي ويو هو ، 10 مهينن کانپوءِ غنويٰ کي واپس ڪرايو هو، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولڻ عورت جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو