يونيورسٽيز ۽ بورڊ کاتي جي نوشين ڪاظمي واقعي تي غيرسنجيدگي، وي سي کي موڪل ڏئي ڇڏي

0
251
يونيورسٽيز ۽ بورڊ کاتي جي

لاڙڪاڻو (ن پ ا) نوشين جي موت جي تحقيقات ھلندڙ هجڻ باوجود وائيس چانسلر انيلا عطاءُ الرحمن ملازمن جون موڪلون بند ڪري پاڻ ٻاھرين ملڪ وڃڻ لاءِ موڪل ڪري ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي

يونيورسٽيز ۽ بورڊ کاتي جي به نوشين ڪاظمي واقعي تي غيرسنجيدگي جو مظاهرو ڪندي وي سي کي يو ڪي وڃڻ لاءِ موڪل ڏئي ڇڏي

وي سي انيلا عطاءُ الرحمن نوشين جي ھاءِ پروفائيل ڪيس جي جاچ کان وڌيڪ يو ڪي جي دوري کي ترجيح ڏيندي 10ڏينهن موڪل وٺي ڇڏي، وي سي يونيورسٽي انتظاميا جي ماتحت ادارن جي سموري ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ۽ پاڻ موڪل ملڻ بعد يو ڪي وڃڻ لاءِ تيار ويٺي آهي

ھي به پڙھندا

پکو ٽيبل کان مٿي هو، رسو ڪيئن ٻڌو ويو، نوشين جي ڊيڊ باڊي جي رُخ به سوال اٿاريا آھن: ايس ايس پي لاڙڪاڻو