پکو ٽيبل کان مٿي هو، رسو ڪيئن ٻڌو ويو، نوشين جي ڊيڊ باڊي جي رُخ به سوال اٿاريا آھن: ايس ايس پي لاڙڪاڻو

0
307
پکو ٽيبل کان مٿي هو

دادو (ن پ ا) نوشين ڪاظمي جي معاملي بابت ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي چيو آھي تھ پکو ٽيبل کان ڪافي مٿي هو، جاچ ڪريون پيا ته اُن ۾ رسو ڪيئن ٻڌو ويو، نوشين جي ڊيڊ باڊي جَي رُخ به سوال اُٿاريا آهن

 ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي چيو آهي ته شاگردياڻي نوشين ڪاظمي واقعي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، فارينزڪ رپورٽ اچڻ کانپوءِ سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو، واقعي جا سڀ ڪارڻ سامهون آڻي متاثرن سان انصاف ٿيندو

ايس ايس پي لاڙڪاڻو دادو ۾ نوشين ڪاظمي جَي تڏي تي پهچي پيءُ هدايت الله شاهه ۽ چاچي فدا حسين ڪاظمي سان ملاقات ڪري تفصيل ورتا ۽ ڪيس ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو طرفان نوشين ڪيس جَي حوالي سان صحافين سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

يونيورسٽيز ۽ بورڊ کاتي جي نوشين ڪاظمي واقعي تي غيرسنجيدگي، وي سي کي موڪل ڏئي ڇڏي