سرحد: پينشن جي رقم تان پٽ بيواهه ماءُ جا ويري بڻجي ويا، احتجاج

0
221
سرحد: پينشن جي رقم

سرحد(ن پ ا) فوتي مڙس جي پينشن جي رقم تان پٽ بيواهه ماءُ جا ويري بڻجي ويا ۽ کيس مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳا، جنهن تي مسمات مائي حاجران پٽ اقبال شيخ سان گڏجي سرحد پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو

مائي حاجران ٻڌايو ته مڙس مرحوم نورالدين جي پينشن ملڻ بعد پٽ رقم ڦٻائڻ لاءِ شريف، رفيق، صديق، يوسف، حنيف ۽ لطيف ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن

هن ٻڌايو ته نافرمان پٽن منهنجي پٽ اقبال شيخ کي به مارڻ جون  ڌمڪيون ڏنيون آھن، مڙس جي وفات بعد ان جي پينشن منهنجو حق آھي، آءُ ڪنهن به پٽ کي پينشن جي رقم ڪونه ڏيندس، رقم نه ڏيڻ تان نافرمان پٽ جان جا ويري بڻجي ويا آھن تحفظ فراهم ڪيو وڃي