صدر چوندو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻو پوندو: عمران اسماعيل

0
169
نيٺ عمران اسماعيل

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مون کي صدر چيو ته سنڌ ۾ گورنر راج لاڳو ڪرڻو پوندو

ڪراچي ۾ مزار قائد تي حاضري ڀرڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران اسماعيل چيو ته هن وقت ضمير جاڳڻ ۽ سمهڻ جو موسم اچي ويو آهي

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران اسماعيل چيو ته اتحادين کي حق آهي ته هو جنهن به طرفن بيهن پنهنجي پارٽيءَ جي فيصلي تي عمل ڪن

سنڌ ۾ گورنر راڄ بابت سوال تي عمران اسماعيل چيو ته جيڪڏهن صدر مون کي گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو چيو ته مون کي ان کي لڳائڻو پوندو پر هن وقت گورنر راڄ جي حوالي سان ڪا به صورتحال ناهي

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ گهرو وزير شيخ رشيد پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته هن وزيراعظم عمران خان کي سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو پر ان کانپوءِ وزيراعظم جي قانوني ٽيم سنڌ ۾ گورنر راڄ جي مخالفت ڪئي هئي، جنهن بعد عمران خان سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي هئي

ھي به پڙھندا

هن سال يوم پاڪستان جي خاص اهميت آهي: پاڪ فضائيه جو سربراهه