ڄاڃين جي مبينا تشدد سبب پاپڙ وڪرو ڪندڙ جي موت، شادي هال سيل

0
145
ڄاڃين جي مبينا تشدد

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پنجاب جي تعلقي قصور جي شهر پتوڪي ۾ ڄاڃين جي مبينا تشدد سبب پاپڙ وڪرو ڪندڙ جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي

پتوڪي ۾ گذريل ڏينهن ڄاڃين جي مبينا تشدد سبب پاپڙ وڪڻندڙ پورهيت مبينا تشدد ۾ دم ڏئي ڇڏيو هو، واقعي کانپوءِ انتها جي بي حسي ان وقت نظر آئي، جڏهن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڄاڃين کي لاش سامهون رکيل هجڻ باوجود ماني کائيندا رهيا

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار معاملي جو نوٽيس ورتو جنهن بعد پتوڪي انتظاميا ڪارروائي ڪندي شادي هال سيل ڪري ڇڏيو ۽ پوليس شادي هال جي مينيجر سميت 12 ڄڻن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو

ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر پتوڪي پهچي متاثرن جي گهر پهچي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني پڻ ڪئي، اسسٽنٽ ڪمشنر متاثر خاندان کي مالي مدد جو يقين ڏياريو