اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج اعظم خان ايل اين جي ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي نيب جي گواهه الهنواز جو بيان رڪارڊ ڪرڻ کان پوءِ ٻڌڻي پهرين جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه ٻڌڻي دوران نيب جي گواهه اسسٽنٽ اڪنامڪ ايڊوائيزر الهنواز جو بيان رڪارڊ ڪرڻ شروع ڪيو ته شاهد خاقان عباسي جي وڪيل بيرسٽر ظفر الله گواهه جي طرف کان پيش ڪيل دستاويزن تي اعتراض ڪيو، اعتراض ڪرڻ باوجود گواهه جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو ۽ سندس مٿان جرح مڪمل ڪئي وئي.