سکر (بيورو رپورٽ) ايس ايس پي سکر سوشل ميڊيا تي مسيح برادريءَ جي ناريءَ سان سان سکر ۾ مبينا ڏاڍائي ۽ تذليل واري خبر جي سختيءَ سان ترديد ڪري ڇڏي، اِن قسم جو ڪو به واقعو ناھي ٿيو، سوشل ميڊيا تي ھلندڙ خبرون بي بنياد آھن. ايس ايس پي سکر. خبر موجب ايس ايس پي سکر عرفان سمون پنھنجي جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ ڄاڻايو آھي ته سوشل ميڊيا تي مسيح برادريءَ جي ناريءَ سان مبينا گينگ ريپ ۽ کيس وار ڪٽي تذليل جو نشانو بڻائڻ واري بي بنياد خبر سکر سان منصوب ڪري ھلائي پئي وڃي، اِن قسم جو سکر ۾ ڪو به واقعو پيش ناھي آيو، جيڪڏھن نياڻيءَ سان ڪجهه ٿيو آھي ته اِھو ڪنھن ٻئي ھنڌ ٿيو ھوندو. ھن چيو ته مسيحي برادري جي ڇوڪري سنيتا مسيح ۽ شانزا اسلام قبول ڪري ورتو آِھي، ٻه الڳ الڳ واقعا آھن. مسيحي برادري جي نوجوان ناري 18 ورھين جي شانزا مسيح سکر ۾ اسلام قبول ڪري 17 مئي تي مسلمان نوجوان سان پسند جي شادي ڪئي آھي. جنھن جو اسلام نالو فاطما رکيو ويو آھي، جنھن پنھنجو وڊيو بيان پڻ جاري ڪيو آھي.