اوٻاوڙو : 15 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل نوجوان بازياب

0
145
اوٻاوڙو : 15 ڏينهن

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ويجهو سنڌ پنجاب بارڊر تي پوليس ڪارروائي ڪندي مبينا اغوا ٿيل نوجوان کي بازياب ڪرائي ٽن اغوا ڪارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي حد ۾ لکڻ باغ وٽان سي آئي پوليس کي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ته هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني

پوليس موجب ھٿياربندن سان مقابلي بعد 15 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل اقبال آباد واسي رفيق نالي شخص کي بازياب ڪرايو آهي

پوليس موجب ڏوهاري مغوي رفيق کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هيا ته ڳجهي اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪئي جنهن دوران  3 ڏوهارين کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي