ميرپورماٿيلو: نوجوان ناري مبينا گم، اغوا جو شڪ

0
115
ميرپورماٿيلي ۾ ٻيلو پوليس

ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ٻيلو ميرپور پوليس ٿاڻي جي حد مان نوجوان ناري مسمات پروين ڌيءَ سليمان چاچڙ گذري رات مبينا طور گم ٿي وئي

ناري جي پيءُ سليمان چاچڙ ٻيلو ميرپور ٿاڻي تي ناري جي اغوا جي اين سي داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آھي ته منھنجي ڌي کي پنھنجي ئي برادري جا اجمل چاچڙ، وھاب چاچڙ ۽ سندس ساٿي اغوا ڪري فرار ٿي ويا آھن

پوليس جو چوڻ آھي ته ناري پسند جي پرڻي لاءِ گھران فرار ٿي آھي، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون