جسٽس عمر عطا بنديال پاڪستان جي 28 هين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

0
267

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس عمر عطا بنديال پاڪستان جي 28 هين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو آهي

اسلام آباد ۾ ايوان صدر ۾ ٿيل تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس عمر عطا بنديال کان عهدي جو حلف ورتو

جسٽس عمر عطا بنديال جي حلف برداري تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان به شرڪت ڪئي، تقريب ۾ هٿياربند فوج جي سربراهن، ججز، وڪيلن ۽ وفاقي وزيرن کان علاوه ٻين اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي

ياد رهي ته جسٽس گلزار احمد جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس طور مقرري جو گذريل ڏينهن آخري ڏينهن هو

ھي به پڙھندا

ججز جي ذات تي تنقيد غير آئيني، غير قانوني ۽ غير اخلاقي آهي: نامزد چيف جسٽس