حيدرآباد ۽ دادو پوليس جا مبينا مقابلا، 3 ڄڻا هاف فراءِ

0
164
حيدرآباد ۽ دادو پوليس

حيدرآباد/دادو (نمائندن وٽان) حيدرآباد شهر ۾ پوليس پاران ڏوهارين سان شڪي مقابلن وارو سلسلو جاري آهي، حسين آباد پوليس لطيف آباد يونٽ نمبر 4 ۾ ڦورن سان مبينا مقابلي جي دعويٰ ڪري ڇڏي

پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران موٽرسائيڪل تي سوار 2 ڦورو اصغر چانڊيو ۽ ساجد مري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي

پوليس چيو آهي ته ڏوهارين وٽان 2 ٽي ٽي پستول ۽ ڦرٿيل 21 هزار 500 رپيا روڪ رقم ۽ 3 موبائل فونز به هٿ ڪيا آهن، زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي

هن کان اڳ ڀٽائي نگر پوليس پاران شڪي مقابلي ۾ گرفتار ڪيل غالب ڊومڪي ۽ هن جوابدارن جي  حوالي سان پوليس ڏوهارين جو ڪرمنل رڪارڊ اڃا پڌرو نه ڪيو آهي

ٻئي پاسي دادو جي بي سيڪشن پوليس مبينا طور ڏوهن ۾ ملوث اعجاز چانڊيو کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

پوليس چيو آهي ته گشت دوران پير صرفو قبرستان وٽ هٿياربند ڦر جي ارادي سان بيٺل هئا، جن پوليس کي ڏسندي فائرنگ ڪئي، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ اعجاز چانڊيو زخمي ٿي پيو ۽ ٻيا هٿياربند ڀڄي ويا،  اعجاز چانڊيو 15 کان وڌيڪ، ڌاڙن، ڦرن ۽ پوليس مقابلن ۾ ملوث آهي

ھي به پڙھندا

اوٻاوڙو : 15 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل نوجوان بازياب