اوٻاوڙو ڀرسان گهرو اڻبڻت تان نوجوان ناري مبينا قتل

0
182
اوٻاوڙو ڀرسان گهرو

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان رائونتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ عالم تڙت ۾ گهرو اڻبڻت تان 19 سالا مائي سلما زال علي گوهر تڙت پراسرار نموني فوت ٿي وئي

اهڙو اطلاع ڳوٺاڻن رائونتي پوليس کي  ڏنو رائونتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي عورت جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو آندو

جتي فوتي عورت جو پيءُ قادر بخش ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام مڙهيو ته منهنجي ڌي سلما کي پنهنجي مڙس علي گوهر ۽ سهري ڪمري جي ڇت تان اڇلائي ناحق قتل ڪيو آهي

هن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ايس ايڇ او رائونتي کان مطالبو ڪندي چيو ته منهنجي نياڻي کي ناحق قتل ڪيو ويو، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

ميرپورماٿيلو: لاھور واسڻ عورت مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي پريس ڪلب پھچي وئي