ٺڪراٺو (ن پ ا)ڪڻڪ جو بمپر فصل لهڻ باوجود ٺڪراٺي ۽ ڀرپاسي هر سال قائم ٿيندڙ فوڊ سينٽر نه کلي سگهيا، سرڪاري خريداري مرڪز نه کلڻ سبب واپارين هڪ هٽي قائم ڪندي گهٽ اگهه تي ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪري ڇڏي. خبرموجب ٺڪراٺي ۽  ڀرپاسي ڪڻڪ جو بمپر فصل پچي تيار ٿي ويو، هزارين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ جي ڪٽائي ۽ ٿريشر ذريعي صفائيءَ جو آخري مرحلو جاري آهي، پر هن مهل تائين ٺڪراٺو، روپهر ۽ مبارڪپور ۾ فوڊ سينٽر نه کلي سگهيا آھن. ان ڪري واپارين هڪ هٽي قائم ڪندي ڪڻڪ جو اگهه ڪيرائي ڇڏيو آهي. آبادگارن اعجازمهر، نويد مهتم، ارباب راڄڙ ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ٺڪراٺي ۽ ڀرپاسي سرڪاري خريداري مرڪز نه کلڻ ۽ بارداڻو نه ملڻ سبب مجبورن ڪڻڪ واپارين کي ڏيڻي پوي ٿي، جيڪي سرڪاري ريٽ کان 400 رپيا گهٽ اگهه تي خريد ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه في مڻ تي 2 ڪلو ڪٽوتي پڻ ڪئي وڃي ٿي. هنن خوراڪ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد خريداري مرڪز کولي، بارداڻو ڏئي آبادگارن کي واپارين هٿان ڦرجڻ کان بچايو وڃي.