ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) اقليتي معاملن واري وزير گيانچند ايسراڻي گوليمار واري علائقي ۾ واقع شهر جي اڪيلي ۽ قديم شمشان گھاٽ جو دورو ڪري لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته شمشان گھاٽ ۾ شيڊ ٺهرائي سهولتون وڌايون وڃن ته جيئن هندو برادري کي پنهنجي پيارن جون آخري رسمون ادا ڪرڻ ۾ ڏکيائون  پيش نه اچن. صوبائي وزير شمشان گھاٽ ۾ هلندڙ تعميراتي ڪم جو جائزو به ورتو. ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته ڪراچي شھر ۾ ھندو برادري جو ھڪ ئي شمشان گهاٽ آھي، ھتي وڌيڪ سھولتون ڏنيون وينديون.