اولاد الله جي وس ۾ آهي، مان بيوس آهيان، مڙس پاران گهران ڪڍڻ تي عورت جون دانهون

0
173

چونڊڪو(ن پ ا) فيض گنج جي ماڙي شيخ جي رهواسڻ امينا پنهنجي مڙس ماستر غلام نبي ميرجت جي درد ناڪ دانهون ڪندي پريس ڪلب آڏو روئندي احتجاج ڪيو، هن ٻڌايو ته سندس مڙس اولاد نه ٿيڻ ڪري گھر مان بي دخل ڪري ڪڍي ڇڏيو، هن چيو ته اولاد الله پاڪ جي هٿ ۾ آھي، منهنجي وس جي ڳالهه ناهي، هن چيو ته آءُ ڪافي سالن کان پيٽ گذر لاءِ در در جون ٺوڪرون کائي پيٽ پئي پاليان، ڪٿي ڪنهن جي مال جو گاهه ته ڪٿي ڪنهن جا ٿانو ڌوئي پيٽ پالي رهي آھيان. هن چيو منهنجي ابي ۽ امان کان مليل ڏاج به مڙس سندس ٻي گھرواري گلشاد جي حوالي ڪري مون کي کسي ڇڏيو ۽ ٽن ڪپڙن مان گھر مان ڪڍي ڇڏيو، مون کي سندس خيرپور واري ڳوٺ کوئي مان دربدر ڪري ڌڪاري ڪڍي ڇڏيو، هن چيو ته عدالت ۾ وڃڻ لاءِ مون وٽ ڪرايو ۽ نه ئي وڪيلن جا خرچ آهن، وس وارا منهنجي مدد ڪن ۽ ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي خيرپور کي اپيل آھي ته منهنجي دردن جو احساس ڪري مدد ڪئي وڃي.