ٽنڊو مير علي ڀرسان مولوي جي نينگري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش

0
205

ٽنڊو ميرعلي (ن پ ا) ٽنڊو ميرعلي ڀرسان ڳوٺ خوشي محمد آرائين ۾ مسجد جي پيش امام غلام عباس آرائين پاران 12 سالا نينگري عليشا ڌي محمود سان سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي نينگري جي والد محمود جٽ پاران اين سي داخل ڪرائي وئي، پوليس مولوي کي گرفتار ڪري ورتو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته مولوي مبينا زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نينگري پنهنجي پيءَ کي ٻڌايو، نينگري جي پيءَ مولوي کي ڪٽڪو ڏئي چوڪي تي گرفتار ڪرائي ڇڏيو، جڏھن نينگري جي والد کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان ٻڌايو اسان في الحال ميڊيا تي بيان نه ڏينداسين. ذريعن مان معلوم ٿيو آھي ته وڏيرن پاران مسئلو ڳالھين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش تي مالڪن تي دٻاءُ آھي ته مسئلو ميڊيا تي نه آڻيو.