هالا ۾ چور ڀاڳين جي هٿين چڙهي ويو، ڪٽڪي بعد پوليس حوالي

0
172

هالا(ن پ ا) هالا جي ٿلهي روڊ تي رهندڙ منير احمد چاچڙ جي گهر ۾ چور داخل ٿيا، سونازيور، موبائيل فونز ۽ ٻڪريون ڪاهڻ لڳا ته گهر ڀاتي سجاڳ ٿي پيا، گهرڀاتين چور کي سوگهو ڪندي گهر مان چورايل سامان واپس ورائيندي مٿس سخت ڪٽڪو ڏيندي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪڙيل چور شڪيل خاصخيلي شيدي عادي ڏوهاري آهي، ڪيترن ئي چوري جي وارداتن ۾ ملوث آهي.