سرحد ڀرسان شرپسندن مڇي جي فارم ۾ زهر وجهي ڇڏيو، لکين رپين جي مڇي مري وئي

0
245

سرحد (ن پ ا) سرحد: ڳوٺ ساٿي مهر ۾ نامعلوم شرپسندن مڇي جي فارم ۾ زهر وجهي ڇڏيو، شرپسندن سائينداد ميراڻي جي مڇي جي فارم ۾ زهر وجهي ڇڏيو، جنهن سبب لکين روپين جي ماليت جي مڇي مري وئي، متاثر سائينداد ميراڻي جو چوڻ آهي ته نامعلوم شرپسندن مڇي جي فارم ۾ زهر وجهي تباهه ڪري ڇڏيو آھي، جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.